غوث پور جي ٻن مغوي پورهيتن جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون تيز

غوث پور (ن ع آ) ناپر ڪوٽ جي  علائقي ڏڪ بند مان اغوا ٿيل غوث پور واسي 25 ورھين جي اسلم ميراڻي ۽ 15 ورھين جي نياز ميراڻي جي بازيابي لاءِ  وارثن راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ئي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو.مغوي پورھيت اسلم ميراڻي جي ڀاءُ شبير ميراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسلم ۽ نياز  مڇي جي شڪار تي ويا، جن کي شڪارپور جي  ڪچي مان اغوا ڪيو ويو.هنن چيو ته پوليس ساڻن ڪو به سهڪارنه ٿي ڪري، ان ڪري پوليس مان آسرو پلي هنن  راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.