دريا خان مري لڳ گهارو بند ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي ڪيس داخل

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڦل روڊ نور محمد راڄپر اسٽاپ وٽ پڊعيدن ڦل روڊ تي ڳوٺ خدا بخش آرائين وٽ لڳل گھارو بند نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران 2 ڏينھن اڳ احتجاج ڪيو ويو ھو پڊعيدن ٿاڻي تي محمد رمضان، فضل خان، پيارو خان، عبدالڪريم، اعجاز، معشوق، غفور، در محمد، عبدالرشيد، اشتياق خادم، محمد حسن سميت 28 سڃاتل ۽ 200 کان اڍائي سئو اڻسڃاتل ماڻھن خلاف 2 الڳ الڳ ايف آءِ آر اي ٽي سي جا قلم لڳائي داخل ڪيون ويون آھن، فريادي عبدالستار ڀنڀرو پاران ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته 200 کان 250 ماڻھو ڪوڏرن ڪھاڙين لٺين ساڻ ڪري رڪاوٽون وجھي مسافر گاڏين کي بيھاري دريا خان مري ڦل روڊ نور محمد اسٽاپ وٽ روڊ کي ڪٽ ڏئي رھيا ھيا پوليس پاران روڪڻ تي پوليس اھلڪارن تي تشدد ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.