ساماري تعلقي جا 68 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول پاڻي ھيٺ

سامارو (ن ع آ) ساماري تعلقي مان برساتي پاڻي نيڪل نه  ٿيڻ ڪري 68 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول اڃا تائين ٻڏل آهن، جنهن ڪري  تدرسي عمل ٺپ ۽ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي وئي آھي. تعلقي جا 45 بوائز پرائمري اسڪول جن ۾ جي پي ايس محبوب شاھ،گورنمنٽ پرائمري اسڪول طالب جنجهي،جي پي ايس واڌو ڪولهي،جي پي ايس سونهارو خاصخيلي، جي پي ايس موسيٰ جيسر، دوست محمد ڀرڳڙي، صالح ڀنڀرو،  جي پي ايس ذوالفقار علي شاھ ۽ ٻيا پرائمري اسڪول، 17گرلس پرائمري اسڪول چوڌري ابراهيم، آراڙو ڀرڳڙي، محمد خان ڪپري، رامچند مالهي، ليکو مالهي، مٺا خان ڪپري ۽ گرلس پرائمري اسڪول شامل آھن.  مڊل اسڪول  محبوب شاھ ڀڙي، آراڙو ڀرڳڙي سميت 3 مڊل اسڪول  مڪمل پاڻي هيٺ آھن. هاءِ اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ 5 فٽ تائين پاڻي بيٺل آھي. هاءِ اسڪول سامارو، هاءِ اسڪول سامارو روڊ، هاءِ اسڪول پڌريو فارم جا گرائونڊ ۽ رستا  به پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل آھن، سمورن اسڪولن جي عمارتن کي سخت نقصان رسيو آھي، ڪيترين ئي عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا آھن، جڏهن ته  فرنيچر خراب ٿي ويو آھي،  ڪجهھ اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثر پناھ وٺي ويٺل آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.