محرابپور لڳ چڙهائي، مبينا تشدد . 5 نوجوان گم، ٽائرن کي باهه، ڌرڻو

محرابپور (ن ع آ ) محرابپور ڀرسان ڳوٺ عباس شاھ تي  محرابپور پوليس چڙھائي ڪري گهر ڀاتين تي مبينه تشدد ۽ 5 ڄڻن جي گرفتاري خلاف سيد برادري جي عورتن ٻارڙن نياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري محرابپور جي لوڌي چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري ڌرڻو ھڻي پوليس ۽ بااثر ماڻھن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي عورتن دانهيندي چيو ته محرابپور پوليس بااثر ماڻھن جي چرچ تي فجر مهل چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن اندر داخل تي عورتن مردن ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي ڀڃ ڊاھ ڪئي. پوليس اسان جي 5 نوجوانن کي زبردستي مارڪٽ ڪري کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ٻئي پاسي محرابپور پوليس موجب جوابدار عباس شاهه،  انور شاھ، حماد شاھ ،محبوب شاھ ۽ رضا شاھ مٿان مختلف ڪيس داخل ٿيل آھن جن جي آڌار تي کين گرفتار ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.