هڪ پاسي مهانگائي ۽ ٻئي پاسي متاثر بکن ۾مري رهيا آهن:لال جروار

حيدرآباد (پ_ر) سنڌ ۾ اٽي، چانور سميت کاڌ خوراڪ جي شين کي هٿ وٺي مهانگو ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي ڪيمپن ۾ ڪي به سهولتون ناهن جنهن سبب ماڻهو بک ۽ وبائي بيمارين ۾ مري رهيا آهن ته ٻي طرف جيڪي ماڻهو اڀرو سڀرو پنهنجي ماني پچائڻ جي سگهه رکن ٿا تن کي به مهانگائي ذريعي ويلن جا ويلا لنگهڻ تي ويهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هڪڙي پاسي هٿ وٺي مهانگائي ڪئي وئي آهي ته ٻي طرف وري ٻوڏ متاثرن کي تيزي سان وسندڙ طوفاني برساتن ۾ کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي ۽ سنڌ حڪومت روڊن ۽ رستن تي بي يارو مددگار ويٺل ماڻهن کي ٽينٽ ناهن ڏنا جنهن سبب تباهه حال ٻوڏ متاثر وڌيڪ تباهي ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، حورالنساءِ پليجو ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ حڪومت هٿرادو ٻوڏ آڻڻ کانپوءِ کاڌ خوراڪ جي شين جو بحران پيدا ڪري ماڻهو بک وگهي مارائڻ وارين پاليسين تي هلي رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.