پيرڳوٺ جي ٽينٽ سٽي ۾متاثرن کي سهولتون نه مليون، ڪاموري جي صحافين کي ڌمڪي

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)  پيرڳوٺ ۾ ٻوڏ متاثرن لاء لاء قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن کي سهولتون نه ملڻ واريون خبرون هلائڻ تان اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر آپي مان نڪري ويو سينيئر صحافي روزاني عوامي آواز جي رپورٽر  علي گل جوڻيجو سان بدتميزي ڪئي ۽ کيس مختلف نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. ان ڏس ۾ سينيئر صحافي علي گل جوڻيجو چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن کي سهولتون نه ملڻ واريون خبرون هلائڻ تان اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر مون مٿان ڏمرجي پيو ۽ چيو ته سڀ ڪجهه ڊي سي خيرپور جي هٿ ۾ آهي. خبرون منهنجي خلاف ڇو هلائي رهيا آهيو. هن سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اي سي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف پيرڳوٺ، احمدپور، پريالوء، ڪوٽ مير محمد جي صحافين پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري علي گوهر مهيسر خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.