گڏيل ڪوششن سان عوامي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا: نور حسن جوکيو

ملير(ڊ.ر) ايڊمنسٽريٽر ضلعي ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو چيو ته گڏيل ڪوششن سان مسئلا جلد ۽ بهتر نموني حل ٿي سگهن ٿا.ضلعي ڪائونسل مان چونڊيل عوامي نمائندا مختلف پليٽ فارمن تي نه رڳو اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن پر حڪومت کي ادارن کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪري رهيا آهن.ماضيءَ کان اها روايت هميشه جاري رهي آهي ته چونڊيل نمائندن سان پنهنجن تڪن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا وڃن ته جيئن ڪيل ڪم جا سو سيڪڙو نتيجا ڏئي سگهن.برسات جي موسم ٻيهر واپس اچي وئي آهي، هن ڀيري به اسان عوام کي هر صورت ۾ رليف ڏينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز پارٽي جي ميمبر صوبائي اسيمبلي محمود عالم ڄاموٽ ۽ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ سان ابراهيم حيدري ۾ علائقائي معاملن ۽ موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سابق ٽائون ناظم عاشق علي ڄاموٽ، ضلعي انتظاميا جي آفيسرن ۽ علائقي جا معزز ماڻهو به موجود هئا، ميمبر صوبائي اسيمبلي ان موقعي تي چوڻ هو ته گذريل برسات جي سبب پاڻي ۽ سيوريج جي شڪايتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ضلعي انتظاميا جنهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اميد ته جلد بهتري نظر ايندي، ايڊمنسٽريٽر جي خاص توجه جي ڪري ٻيا رهيل ڪم به تيزي سان ٿي رهيا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.