ڀرياسٽي ۾برسات متاثرن جي واهر نه ٿي، کليل آسمان هيٺ ويٺل

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ، ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي  ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي ڳوٺاڻا بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل، ڀرياروڊ  ڀرسان ڳوٺ غلام حسين ھيسباڻي ، ڳوٺ الله داد ھيسباڻي ، ڳوٺ جمعو بروھي، ڳوٺ رب رکيو سولنگي، ڳوٺ عباس سولنگي، ڳوٺ ڌڻي بخش ڪڻيال ، ڳوٺ غلام حيدر آرائين ۽ ديھه ڪانڃر  سميت ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن. جن جو شهرن سان مڪمل زميني رابطو ڪٽيل هئڻ ڪري کائڻ پيئڻ جي شين جي شديد کوٽ، ڪيترائي ڳوٺاڻا گهرن توڙي پاڻي ۾ ڦاٿل، ڳوٺ غلام حسين ھيسباڻي  ۾ 6 کان 7 فوٽ برساتي پاڻي گهٽين توڙي  گهرن اندر بيٺل آهي. برسات  کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود به ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءَ  ناھن ورتا ويا،  ٻئي پاسي علائقي ۾ پاڻي بيھڻ ڪري خطرناڪ بيمارين مليريا گيسٽرو ۽ ٽائفائيڊ سميت ٻين مختلف بيمارين منھن ڪڌيو آھي جنهن سبب ٻار ۽ وڏي ڄمار جا ماڻھو متاثر ٿي رھيا آھن تڪ جو ايم پي اي ۽ اسسٽنٽ  ڪمشنر ڀريا منظر تان غائب ڳوٺاڻن جا گھر تباھ کليل آسمان جي ھيٺان ويٺل آهن، خدارا عوام جي مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.