بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سوين عورتن ۽ مردن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ

بُلڙي شاهه ڪريم( ن ع آ) ڏتاواھ اسٽاپ جي ڳوٺ نبي بخش مڱڻهار جي برسات متاثرين جي واھر نه ٿيڻ تي مڱڻھار برادريءَ جي سوين عورتن ۽ مردن پاران مک سجاول ٽنڊو محمد خان روڊ تي رڪاوٽون وڇائي ڌرڻو ھنيو ويو چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي. ان موقعي تي مظاهرين مسمات سڀاڳي سياڻي نجمہ بيگو رخسانہ . ۽ ٻين چيو تہ برساتن سبب اسان گھڻو متاثر ٿيا آھيون اسان جا درجنين ڪچا اجھا ڊھي پٽ پئجي ويا مگر ھن تڪ جي ايم پي اي سميت لاڳاپيل عملدارن پاران اسان جي ڪا به سھائتا نہ ڪئي وئي آهي ھن چيو تہ ھتي جي ايم پي اي وٽ اسان جي سامھون درجنين راشن جون گاڏيون رات جي اونداھ م بنگلن تي پھتيون آھن مگر اھي فقط پنھنجي مخصوص ماڻھن ۾ تقسيم ڪيون ويون آھن اسان فاڪاڪشيءَ واري زندگي گذاري رهيا آھيون مختيارڪار عبدالڪريم خاصخيلي مظاهرين سان فون تي رابطو ڪري سندن مسئلن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنھن کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو ٽريفڪ پڻ بحال ٿي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.