ڊگهڙي ۾کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثر برسات ۾پسي ويا، ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ۾ شهر جي مختلف رستن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿي جڏهن ته  واهر نه ٿيڻ خلاف انور شيخ جي اڳواڻي ۾ ٻوڏ متاثرن ڌرڻو هڻي ميرپورخاص روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،هنن جو چوڻ هو ته برساتن ۽ ايل بي او ڊي جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ اسان جا گهر ٻڏي ويا، هاڻي بي گهر ٿي روڊن جي ڪنارن تي پناھ وٺي ويٺل آهيون پر انتظاميا هيل تائين اسان جي ڪا به سار ناهي لڌي.هنن چيو ته راشن نه ملڻ ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، برساتن جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، ٽينٽ نه ملڻ ڪري اسان ٻچڙن سان گڏ کليل آسمان هيٺ رات ۽ ڏينهن برساتن ۾ پسي رهيا آهيون پر تعلقي انتظاميا کي ڪو ترس نه ٿو اچي.هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي فوري طور ٽينٽ راشن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.