ٻوڏ متاثرن ۾ وڌندڙ بيماريون وڏو الميو بڻجي سگھي ٿو

سنڌ ۾ تاحال سرڪار ڪا بھ وڏي پئماني جي پناھ گاھ جوڙڻ ۾ ناڪام وئي آھي جتي ٻوڏ ستايلن کي رھائي سندس جوڳي ۽ مناسب سار لھي سگھجي.گڏيل قومن جي اڳواڻ جي دوري کان پوءِ اھا اميد پيدا ٿي آھي تھ ان ڏس ۾ دنيا جي سرندي وارا ملڪ مدد جي لاءِ اڳيان ايندا پر ھن وقت بھ عوام جي ساڳي دانھن آھي تھ جيڪو ڪجھھ سرڪار ڪري سگھي ٿي اھو بھ نھ ٿيڻ جي ڪري ماڻھون سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائي رھيا آھن.

متاثر ٿيل عوام کي ناسب سھولتون نھ ملڻ ڪري جنھن خطري جي اظھار ڪيو پئي ويو، اھو ھاڻي آھستي آھستي ظاھر ٿي رھيو آھي.يعني تھ موجود پاڻي جي سينورجڻ ڪري،پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي نھ ملڻ ڪري،مناسب خوراڪ نھ ملڻ ڪري ۽ ڪنھن بھ معياري سھولتن نھ ھئڻ جي ڪري ھاڻي متاثرن ۾ مختلف مرض پيدا ٿي رھيا آھن،عارضي اجھن طور انتھائي ڏکي حالت ۾ گھاريندڙ ماڻھون ھن وقت چمڙيءِ،گيسٽرو،مليريا،ڊينگي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن.جن جي لاءِ سرندي وارن يا مخير ماڻھن توڻي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ڪوششون ناڪافي نظر اچي رھيون آھن.

سنڌ سرڪار پنھنجي طورطريقن، بيانن ۽ وضاحتن ۾ اھو تسليم ڪري رھي آھي تھ جنم ورتل ھاڻوڪو هاڃو ھنن جي وس ۾ ناھي.پر ان کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھاڪاري ۽ مثبت رخ ۾ ڪا بھ رٿابندي نھ ٿي رھي آھي،ھن ھيڏي وڏي مصيبت کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون صفا رسمي لڳن ٿيون.

مثال طور سنڌ ۾ ايمرجنسي ھوندي صحت کاتي جا ڪيترائي ڊاڪٽر غير حاضر ۽ غائب آھن،اھا ڪا گھٽ غيرذميواري ناھي،ڊاڪٽر سماج جو گھڻو باشعور ۽ ڪارآمدي سڪيشن آھي جنھن جي اھڙي رويي مان ڪھڙو مطلب نڪري سگھي ٿو. اھو کاتو تھ مڪمل طور سرڪار جي ڪنٽرول ۽ ضابطي ۾ آھي جنھن جي لاءِ سرڪار ھنن ٻن ٽن مھينن ۾ ڪو بھ قدم نھ کنيو،ائين آخر ڇو آھي،ڇا ان مان سرڪار جي غيرسنجيدگيءَ جو اظھار نٿو ٿئي.سوين ڊاڪٽر جيڪڏھن پنھنجن فرضن جي ادائگي ان نموني ڪندا ۽ اھي ڊاڪٽر بااثر ھوندا تھ عوام کي ڪئين رليف ملي سگھندو ؟

نھ رڳو ايترو پر صحت کاتي جا پئرا ميڊيڪل عملي جا ماڻھو پڻ غيرحاضر آھن،ٻئي پاسي اڀريون سڀريون ڪيتريون ئي اسپتالون پاڻي ۾ ٻڏل آھن.

تازو صحت کاتي پاران ڄاڻايل انگن اکرن موجب پنج ھزار 636 متاثر عورتون ڳورھاريون آھن،ھي اھو انگ آھي جيڪو ڪئمپن ۾ آھي ان کانسواءِ ڪيترا ئي ماڻھون بنا ڪئمپن جي روڊن ۽ رستن تي سٿيل آھن انھن ۾ موجود ڳورھاري عورت ان ڳڻپ کان ٻاھر آھي.انھن مان 439 عورتون اھي آھن جن جي ويم جا ڏينھن ويجھا آھن.

ھڪڙي پاسي اھا حالت ھجي سموري سنڌ ٻڏل ھجي،ماڻھن جو وڏو تعداد رستن تي رھڻ تي مجبور ھجي، ماڻھون بيمارين جو شڪار ٿي رھيا ھجن، انھيءَ صورتحال ۾ ماڻھن کي علاج جي ڪا سھولت نھ ڏئي سگھندا ھجون تھ پوءِ ان کان وڏي بي وسي ڪھڙي ٿي سگھي ٿي ان ڪيفيت ۾ سرڪاري ملازمت ڪندڙ ڊاڪٽرن جو خاصو انگ غيرحاضر ھجي تھ پوءِ اھو ڪئين قبول ڪجي تھ سرڪار ان سلسلي ۾ عملي ۽ جوڳا قدم کڻي رھي آھي ؟

سنڌ جي  صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو موجب متاثرن ۾  بيماري ورتلن ۾ 28 سيڪڙو مريضن کي گيسٽرو، 27 سيڪڙو کي چمڙيءَ جي بيماري، 7 سيڪڙو کي ڊينگي ۽ مليريا،  38 سيڪڙو کي ٻيا مرض آهن.  وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي آھي تھ  سمورين ڳورھارين عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي.ڳورهارين عورتن ۽ ڪمزور ٻارن کي لازمي فوڊ سپليمينٽ پڻ فراهم ڪيو وڃي.

سرڪار جيڪو ڪجھھ ڪري سگھي ٿي ان ۾ تھ ڪنھن بھ ريت ڪا ڪاھلي يا سستي نھ ڪئي وڃي،جنھن ۾ مڇردانيون تھ ھر جاءِ تي ورھائي سگھجن ٿيون ۽ ان جي لاءِ مڇر مار ڦوھارو تھ ڪرائي سگھجي ٿو.

اميد ڪريون ٿا تھ سرڪار ھن پاسي وڌيڪ ڌيان ڏئي ڪري متاثر ماڻھن ۽ ڪئمپن ۾ وڌندڙ بيمارين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا گھربل قدم کڻندي جيئن ھن اھم مسئلي کي ڪنھن وڏي ھاڃي ٿيڻ کان بچائي سگھجي.ٻي صورت ۾ اھي بيماريون ڪنھن المئي کي جنم ڏئي سگھن ٿيون.

ڪڻڪ پوکي لاءِ اوليت تي زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي .

سنڌ سرڪار سال 2022 ۽ 2023 جي لاءِ ڪڻڪ جي امداد قيمت چار ھزار رپيا مقرر ڪري ھارين نارين ۽ آبادگارن کي اھو چيو آھي تھ ھاڻي اھي محنت ڪري ان طرف ٿورو ڌيان ڏين ۽ ڪڻڪ اپائڻ جي ڪوشش ڪن.ان بعد لاڳاپيل وزير جو چوڻ ھو تھ ان سان آبادگار نئين فصل لاءِ جلد زمين تيار ڪندا.

ٻئي پاسي وڏي وزير جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن هن سال ڪڻڪ جو فصل نه ٿيو ته ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي،ڪابينا اجلاس ۾ ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو تھ اسان هن وقت 9000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ درآمد ڪري رهيا آهيون.

اسان پنهنجي آبادگارن کي فائدو ڏيڻ بدران ٻين ملڪن کي فائدو پهچائي رهيا آهيون.صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته زرعي زمينون پاڻي هيٺ آهن، پاڻي نيڪالي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون، جيئن ايندڙ فصل پوکي سگهجن، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ خاص تناسب سان ڪڻڪ نٿي پوکي وڃي ته ڏڪار پيدا ٿي ويندو، ڪابينا فيصلو ڪيو ته خوراڪ کاتو پهرين آڪٽوبر کان ڪڻڪ جاري ڪندو.

سنڌ سرڪار جو اھو فيصلو ھاڪاري آھي يقينن ھن وقت جيڪا حالت آھي ان ۾ ايندڙ وقت ۾ خوارڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خطرو پڻ موجود آھي،ھاڻوڪي ٻوڏ اسان جي لاءِ گھڻن ئي مسئلن کي پاڻ سان گڏ کڻي آئي آھي جنھن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھڪ ئي وقت اھڙين عوام دوست پاليسن جوڙن جي ضرورت آھي جنھن سان حڪومت ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين،انھن ٻوڏڻ ۾ جن آبادگارن ۽ ھارين نارين جون زميون ٻڏيون آھن انھن کي بنا وياج جي قرض ڏئي انھن جي سخت مانٽرنگ سان پن ڪڻڪ توڻي ٻين فصلن جي ھمت افزائي پڻ ڪري سگھجي ٿي.سرڪار کي ڪجھھ سنجيدگي اختيارڪندي انھن علائقن مان اوليت تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بھ بندوبست ڪرڻ گھرجي جئين اھي زمينون جلد آبادي جي لائق پڻ بڻجي سگھن.اميد تھ سرڪار خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿيڻ واري امڪاني خطري کي روڪڻ جي لاءِ پنھنجي طور تي ڪا ڪسر نھ ڇڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.