جهڏي شهر کي تباهي کان بچايو وڃي

علي احمد جروار

جهڏو چار لک آبادي رکندڙ تعلقو آھي، جنهن جي هينئر حالت اها آھي جو ماڻھو پنهنجا اجها ڇڏي کليل آسمان هيٺ روڊن ۽ رستن تي دربدريءَ واري زندگي گذاري رهيا آھن، هي تعلقو هر سال جيان هن سال به نااهل حڪومت ۽ ڪامورن جي لاپرواهي ۽ پنهنجا  ڀڀ ڀرڻ لاءِ ڪينالن، سم نالن ۽ شاخن کي ابتا سبتا ڪٽ ھڻي زوريءَ پاڻي کي ڪاهي ماڻھن جي گهرن اندر داخل ڪري جهڏي تعلقي جي عوام کي دربدر ڪيو ويو آهي، هن تعلقي کي پراڻ ندي ۽ ايم ڊي سم نالا ۽ ايل بي او ڊي  کي زيرو پوائنٽ تان پاڻي جا وهڪرا بند ڪري هن تعلقي جي مختلف جڳهن تان ڪٽ ھڻي ٻوڙايو ويو.

نصير واهه جي پاڻي جو ڇوڙ به جهڏي تعلقي طرف ڪري غريب مسڪين ماڻھن جا گهر ٻوڙائي کين دربدر ڪيو ويو، پراڻ ندي جنهن جو پيٽ چار سئو سٺ فوٽ کان پنج سئو ڦوٽن تائين هو، جنهن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پراڻ جي ٻنهي پاسن کان پ پ جي ورڪرن، اڳواڻن ۽ انهن جي ماڻھن آھستي آھستي قبضا شروع ڪيا، هاڻ جهڏو وٽان پراڻ ندي جنهن جو پيٽ ٽي سئو سٺ فوٽ مان ويھ فوٽ به مشڪل سان بچيو آھي، پاڻي جي گهڻي مقدار هجڻ ڪري پراڻ ندي کي هر جڳهھ تان گهارا پئجي ويا ۽ سڄو تعلقو ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويو. هيٺ زيرو پوائنٽ کي مڪمل بند لڳائي پاني کي بند ڪيو ويو آھي، اتي هڪ بااثر زميندار جيڪو سنڌ گورنمنٽ کان به ڏاڍو ٿي پنهنجا هٿياربند انهيءَ بند تي ويهاري ڇڏيا آھن، ان بااثر زميندار اڳيان اسان جي جان باز سپاهين کان وٺي گورنمينٽ تائين ڪنهن جي به نٿي هلي.

پاڻي کي پنهنجو رستو نه ملڻ ڪري تعلقو جهڏو ٻوڙي ضلعي بدين جو تعلقو ٽنڊو باگو جو به اڌ حصو ٻوڙي پاڻي اڳيان وڌي رهيو آھي، اسان جا چونڊيل نمائندا ڪنهن  وزير يا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۾ به سگھ نه هجڻ ڪري پراڻ ندي کي پنهنجو اصلي رستو نه ملڻ ڪري پاڻي هنڌا هنڌا گهارا هڻي علائقا ٻوڙي رهيو آھي، جيڪڏهن هن وقت به پاڻي کي رستو ملي وڃي ته ڪيترائي علائقا هزارين ڳوٺ ۽ لکين گهر بچي سگهن ٿا، پر سنڌ گورنمينٽ اهو وچن ڪري ڇڏيو آھي ته پاڻي کي رستو نه ڏيڻو آهي، اهو پاڻي اتي ئي علائقا ٻوڙي اتي ئي سڪي وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جنهن ميڊيا اڳيان اهو چيو آهي ته پاڻي ڪڍڻ کي ٽن مهينن کان ڇهه مهينا لڳي سگهن ٿا، اهڙي بيان کانپوءِ پهرين ته مراد علي شاهه کي جس ڏيڻ کپجي، جيڪو سنڌ جي ڀلي لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي پنهنجي رات ڏينهن جي محنت کانپوءِ ڇھ مهينن تائين پاڻي ڪڍائي ٿو، اسان مراد علي شاهه کان اهو ٿا پڇون ته توهان جي حڪومت ايتري ڪمزور ڪيئن ۽ ڪٿا ٿي، ڇا توهان کان هڪ وڏيرو ڏاڍو آھي، جو توهان ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻي ڪڍائي دربدر ٿيل عوام جنهن مجبوري ۽ توهان جي نااهلي جي ڪري ڀوڳيو آھي ڇا توهان اڃا به 6 مهينا انهن کي دربدريءَ جون ٺوڪرون کارائڻ چاهيو ٿا، ڇا زيرو پوائنٽ وارو بند نٿا کولي سگهو، زيرو پوائنٽ وارو بند ۽ پراڻ ندي تي ٿيل انڪروچمينٽ کي هٽائي بند کولرايو ته پاڻي 15 ڏينهن کان هڪ مهيني تائين هٽي ويندو. باقي توهان کي سنڌ کي ۽ سنڌ جي عوام کي ختم ڪرڻ جو ڪو ٽاسڪ مليل آھي ته پوءِ توهان جي مجبوري آھي، ڀلي اسان جي ڌرتي کي ٻوڙايو ۽ اسان خود بخود مري وينداسون.

سنڌ جي وڏي وزير کان اهو به پڇاڻو ڪيو وڃي ته سنڌ جو هينئر بادشاهه توهان آھيو، توهان يا توهانجي ميمبر ايم پي اي، ايم اين اي يا توهان جي ضلعي جي انتظاميا يا تعلقي جي انتظاميا تعلقي جهڏو جي غريب بي گهر ٿيل ماڻھن جي ڪهڙي واهر ڪئي آهي. ڪيترو راشن، ڪيترا ٽينٽ، ڪيتريون مڇردانيون تعلقي جهڏي جي عوام جيڪا روڊن جي ٻنهي پاسن جهوپڙيون ٺاهي ويٺل آھي، تائين پهچايون آهن.

ٽن ڏينهن کان هينئر هلندڙ برسات ۾ اهي ڪيئن جيئن پيا، هڪ مڇر مٿان برسات بکيو پيٽ ننڍڙن ٻارن جون بک ۾ دانهون مٿان کلي آسمان توهان جي حڪومت متاثرن کي ٽينٽ به نه ڏئي سگهي آھي، توهان جي حڪومت نه راشن ڏنو، نه مڇردانيون ڏنيون. نه ئي ٻوڏ ۾ مڇرن ۽ برساتي پاڻي ڪري جيڪي بيماريون آيون آھن، انهن لاءِ ڪا ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي آھي، توهان جو هڪ ايم اين اي آيو هو، جنهن بلڪل ٻوڏ متاثرن کي پنجاھ پنجاھ روپيا ڏئي تعلقي جهڏو جي عوام کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي. تعلقي جهڏو جي عوام جو هڪ ئي مطالبو آھي ته زيرو پوائنٽ کان ڪٽ ھڻي پاڻي کي پنهنجو اصل رستو ڏئي اسان کي بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.