افغانين جي پاڪستان خلاف ايڏي شديد نفرت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

زرار پيرزادو

¨ رپورٽون آهن ته تازي ايشيا ڪپ جي فائنل ميچ ۾ جڏهن سريلنڪا، پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏني ته پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين ان تي جشن جو مظاهرو ڪيو آهي. ايئن پاڪستان، جڏهن هڪ سنسني خيز ميچ ۾آخري اوور ۾ ڏهين نمبر جي بيٽسمين نسيم شاهه غير متوقع طور تي لڳاتار ٻن بالن تي ٻه ڇڪا هڻي افغانستان کان کٽيل ميچ کسي ورتي ته تڏهن به شارجا گرائونڊ تي افغان تماشبينن، اسٽيڊيم جون ڪرسيون ڀڳيون ۽ پاڪستاني تماشبينن مٿان اسٽيڊيم توڙي ٻاهر تشدد ڪيو.

¨ ايئن هاڻي هڪ ويڊيو به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ سهراب ڳوٺ ڪراچي جي هڪ فليٽ ۾ افغانين هڪ شهري کي اغوا ڪري، ننگو ڪندي مٿس خنجر ۽ هٿيار تاڻي کيس افغانستان ۽ ان جي پليئرن جي حق ۾ نعرا لڳرايا آهن.

¨ افغانستان واري ميچ ۾ افغاني بالر ۽ پاڪستاني بيٽسمين محمد آصف جي وچ ۾ به منهن ماري ٿي هئي جنهن ۾ پليئرن، وچ ۾ اچي معاملي کي ٽاريو هو.

¨ پاڻ کي  ڪجهه سال اڳ جي اُها ميچ به ياد اچي رهي آهي جنهن ۾ افغانستان جي اسپنر راشد خان پاڪستاني بيٽسمينن کي آئوٽ ڪندي تڙي جي انداز ۾ کين پويلين وڃڻ جي راهه ڏيکاري رهيو هو جنهن تي مون تڏهن ڪالم به لکيو هو ته هاڻي پاڪستان جي حڪومت به ايئن ئي تڙيون ڏئي ڌارين افغانين کي ملڪ نيڪالي ڏئي جو انهن کي پنهنجي محسن پاڪستان جو ئي ڪو قدر ۽ حياءُ ناهي.

¨ ڪالهه اسان جي سنڌي رپورٽر ارباب چانڊيي به پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي سڌسماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آڏو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ته ڪراچي ۾ پاڪستان جي شڪست تي افغانين جشن واري ريلي ڪڍي ۽ پاڪستان خلاف نعرا هنيا تنهن جو نوٽيس وٺي کين هتان نيڪالي ڏني وڃي.

¨ هوڏانهن ڪوئيٽا ۾ جڏهن بلوچ شاگردن پاڪستان جي شڪست تي جشن ڪيو ته کين فوري طور تي پوليس گرفتارڪيو پر افغانين ڏانهن پاڪستان جي حڪومت جو رويو نرم ئي نظر ايندو آهي.

¨ افغاني عوام جي پاڪستان خلاف وڌندڙ ان نفرت جوڳي رويي تي خود پاڪستان جي ٽي وي چينلن تي حيرت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ايستائين جو اسپورٽس پروگرام جي تجزين ۾ به ان عمل جي سخت نندا ڪئي وئي.

¨ ڇاڪاڻ ته پاڪستان هڪ لحاظ کان افغانستان جو محسن رهيو آهي. پاڪستان سياسي طور تي هميشه افغانستان جو ساٿ ڏنو آهي. روس ۽ افغانستان واري ويڙهه ۾ پاڪستان لکين افغانين کي پناهه ڏني هئي ۽ هاڻي به افغانين لاءِ پاڪستان ڄڻ سندن ٻيو ملڪ بڻايو ويو آهي.

¨ ٻيو ته ڇڏيو خود افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهڻ ۾ پاڪستاني ڪوچز جو بانيڪاري وارو ڪردار رهيو آهي جن ۾ راشد لطيف، انضمام الحق، محمد يوسف ۽ يونس خان وغيره شامل آهن. ايشياڪپ ۾ به افغانستان جو ڪوچ پاڪستاني اڳوڻو فاسٽ بالر عمر گل هو ۽ آهي. پر پوءِ به افغانين جي اکين ۾ ڪو نمڪ نظر نٿو اچي ۽ اُهي ” ڌريان ئي ڌار، مٽ مُئي جا نه ٿيا“ وارو ورتاءُ ڏيکاريندا پيا اچن.

¨ ٻئي پاسي پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن هميشه دشمن ملڪ طور عوام ۾ شديد ترين نفرت جي باهه پئي ڀڙڪائي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ ميچن کي جنگ وارو رنگ ڏينديون آهن ۽ ٻرندي تي جذباتيت جو تيل هارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.

¨ پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ به ڀارت ۽ پاڪستان جا ڪرڪيٽر هڪٻئي سان تاريخي طور انتهائي محبت ۽ احترام جو ناتو رکندا آيا آهن ۽ ڪڏهن به پاڪستاني ۽ ڀارتي مداح پاڻ ۾ ايئن نفرت ۾ ناهن وڙهيا جيئن افغاني جنونيت جو مظاهرو ڪندا ٿا وتن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.