پاڪستان جي سياست ۽ ڪرڪيٽ سمجھه کان ٻاهر آھي

حاڪم نصيراڻي

پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ ايشيا ڪپ ٽي 20 جو فائنل ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ گهڻن ماڻھن جو خيال هو ته پاڪستان ايشيا جو نئون ٽي 20 ٽورنامنٽ جو فاتح ٿي ڪپ ٻوڏ متاثرين جي نالي ڪندو پر نتيجو اهو نڪتو جو سري لنڪا جي ڇوڪرن پاڪستاني بالرن ۽ بيٽسمين جون وايون بتال ڪندي ڪپ پنهنجي ڊيفالٽ ٿيل قوم جي نالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ميچ هارائڻ جي پڪ ٿي ته هڪ دوست هڪل ڪندي چيو پاڪستان جي سياست ۽ ڪرڪيٽ تي ڪڏھن ڀروسو نه ڪجو ڪجهھ به ٿي سگهي ٿو. مون کي سندس ڳالهھ ۾ وزن لڳو.سوچڻ تي مجبور ٿيس کلندي کلندي يار ڳالهھ وڏي ڪم جي ڪري ويو. واقعي پاڪستاني ٽيم بلڪل هارايل ميچون پنهنجي نالي ڪيون ته ڪڏھن وري بلڪل کٽيل ميچون هارائي ويٺي.

ائين سياسي ميدان ۾ اهڙا به لمحا آيا جن ۾ هيرو زيرو ٿيندي محسوس پئي ٿيا ته ڪڏھن وري زيرو هيرو جي روپ ۾ نظر پئي آيا. مون کي ياد آھي مشرف جي دور کان پوءِ  پ پ پ جي سرڪار دوران علامه طاهرالقادري صاحب اوچتو ظاهر ٿي پيو هو جنهن اسلام آباد جي ڀٿريلي ڌرتي کي سرد راتين ۾ پنهنجي نوجوان ڪارڪنن جي گرم نعرن ۽ ترانن سان اهڙو ته گرامائي ڇڏيو جو ڳالھه سمجهھ ۾ نه پئي (اها ٻي ڳالھه آھي جو علامه صاحب پاڻ گرم ڪنٽينر ۾ آرام ڪندا هئا). علامه صاحب ڪينيڊا مان ڪئين تشريف آور ٿيا ۽ حڪومتي صفن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو؟

ماضي ۾ پاڪستان جي تمام وڏي عدالت سڳوري پنهنجي ڪيل فيصلن سان سياسي پارٽين جي مستقبل جو فيصلو ڪندي رهي آھي. سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس چوڌري افتخار جا پاڻ مرادو ورتل نوٽيسز، يوسف رضا گيلاني جو سوئيس اختيارين کي خط نه لکڻ ۽ ڪورٽ ۾ منٽن جي سزا ۾ نااهل ٿيڻ صدر کي آئين مطابق مليل ڇوٽ کي نه مڃڻ، مٿان ميمو گيٽ جو اچڻ هي اهي واقعا هئا جيڪي پ پ  پ دور ۾ ظاهر ٿيا ۽ جيڪي مخصوص ماڻھن تي پنهنجا اثر ظاهر ڪندي هميشه جيئان ختم ٿي ويا. اهي اصل ۾ ٿئي ڇا پيو ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي؟. ميمو گيٽ جي حاضرين دوران ائين محسوس ٿئي پيو پ پ پ قيادت غدار آھي ۽ پ پ پ جي سياست کي ميموگيٽ ھڙپ ڪري ڇڏيندي پر نتيجو اهو نڪتو جو آصف علي زرداري پنج سال صدارتي محل ۾ گذاري نڪتو. ان وچ ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل جي ويڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ هدايتون ڏيندڙ ۽ ھدايتون وٺندڙ کي پوري قوم اکين سان ڏٺو پر نتيجو ڪهڙو نڪتو ڪنهن کي ڪا ڳالهھ سمجهھ ۾ به نه آئي.

اعليٰ عدليه جو ڪردار نواز شريف جي دور ۾ به وسارڻ جوڳو ناهي. سندس دور ۾ پاناما ليڪس جو ذڪر نڪري پيو جي آءِ ٽي جڙي وئي سوين ماڻھن جا نالا منظرعام تي اچي ويا پر سزا صرف نواز شريف کي پنهنجي پٽ کان پگهار نه وٺڻ جهڙي وڏي ڏوھ ۾ اچي وئي.

هن وقت ملڪ جي سياست جي صفبندي هڪ دفعو ٻيهر عدالتن ۾ شروع ٿي وئي آھي. گذريل پندرهن سالن جي سياسي لاهن چاڙھن کي ڏسجي تڏھن به عدالتن پنهنجو خوب ڪردار ادا ڪيو. تاريخ ۾ شايد ڪٿي اهڙا فيصلا نه ٿيا جيڪي پاڪستان جي وڏن عدالتن ٻڌايا. جنهن ۾ عمران خان جو صادق و امين واري سند جو جاري ٿيڻ ان جي هڪ زنده و جاويد مثال آھي. امين ۽ صادق لفظ لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ ته صفا آسان آھن پر انهن لفظن جو جيڪڏھن باريڪ بيني سان جائزو وٺون ته مون کي هن وقت دنيا ۾ ڪو شخص امين ۽ صادق نظر نه ٿو اچي. تدريسي ڪتب ۽ تاريخ جي ورقن ۾ امين ۽ صادق جو خطاب صرف هڪ عظيم انسان لاءِ  استعمال ٿيل آھي جنهن کي اسين آخري نبي ڪري مڃون ٿا. پاڻ سڳورن ننڍپڻ کان وٺي جواني ۽ ظاهري زندگي جي آخري گهڙين تائين ڪڏھن ڪوڙ نه ڳالهايو ڪڏھن ڪنهن سان دوکو نه ڪيو ڪنهن جي امانت ۾ خيانت نه ڪئي ڪنهن سان بدسلوڪي نازيبا زبان استعمال نه ڪئي. پاڻ ڪريمن جي سچائي ۽ ايمانداري جي شاهدي ته سندس ڪٽر دشمن به ڏيندا رهيا پر اسان جي اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي عمران خان ۾ امين ۽ صادق واريون خوبيون ڪٿان نظر آيون؟

موجوده تبديل ٿيندڙ سياسي حالتون جو رخ به ڪورٽ سڳورين طرف ٿي ويو آھي. خان صاحب اسلام آباد هائي ڪورٽ سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي وڪڙ ۾ آيل آھي ڏسجي ته انهن ڪورٽ سڳورين مان ڪهڙا فيصلا اچن ٿا ؟اليڪشن ڪمشنر ۽ خان صاحب جي وچ ۾ 36 جو آڪڙو هلي پيو. هي اهو اليڪشن ڪمشنر آھي جنهن لاءِ  خان صاحب چئي چڪو آھي ته سندس نالو ڪٿان آيو. اعجازالحق جو متحرڪ ٿيڻ نواز ليگ جي اندروني اختلافن. خان صاحب سيلابي صورتحال ۾ به وڏا وڏا جلسا ڪري سياسي پچ تي چوڪن ڇڪن جي برسات لاتيون رهيو.

اوچتو اسلام آباد هائي ڪورٽ عبدالشڪور شاد جي درخواست تي سندس استعيفيٰ سبب خالي ٿيل سيٽ اليڪشن روڪي ڇڏي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن ٻوڏ ۽ برسات جو سبب ڄاڻائي 11 سيٽن تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊو ملتوي ڪري ڇڏيون هيون.

خبرون ته اهي به هلن پيون ته خان صاحب امريڪا بهادر جي جي اعليٰ عملدارن سان لڪ ڇپ ۾ ملڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آھي. ان سان گڏ طاقتور ڌرين سان به پردي پويان ڳالهيون هلن پيون.

ڏسجي ته دهشتگرد عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن طان جي مستقبل بابت ڪهڙو فيصلو ڪن ٿيون اهو ته وقت ٻڌائيندو پر ر جسٽس شميم جي توهين عدالت واري غيرمشروط معافي لاءِ  ھڪ موقعو ٻيو به ڏنو ويو آھي جيئن بنا افسوس جي دل سان معافي گهري ته جئين عدالت سڳوري ڪو مناسب فيصلو ڪري سگهي. جسٽس شميم جو معافي نامي وارو طريقو خان صاحب لاءِ  به هڪ اشارو آھي ته معافي گهرو ۽ گهر وڃو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.