ميهڙ ويجهو ٻوڏ متاثر عورت گيسٽرو وگهي فوت،چندو ڪري لاش دفن !

ميھڙ (ن ع آ)   ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو جا رھواسي ميھڙ جي گورنمينٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ رھيل ھئا جتي ھڪ عورت مسمات درناز چانڊيو گيسٽرو جي تڪليف ھجڻ سبب بروقت اعلاج نہ ٿيڻ جي ڪري عورت فوت ٿي وئي فوتي عورت جي پٽ ٻڌايو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گھر ڊھي ويا اسان ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ اچي پناھ ورتي ھئي جتي گيسٽرو ڦھلجي ويو آھي امڙ جي حالت خراب ٿيڻ سبب تعلقہ اسپتال ميھڙ وياسين جتي دوائن جي کوٽ ھجڻ ۽ سھولت نہ ھجڻ سبب اعلاج نہ ٿي سگھيو جنھن سبب امڙ فوت ٿي وئي ھنن چيو تہ ٻيڙي نہ ھجڻ ۽ ڳوٺ جا رستا ۽ قبرستان پاڻي ھيٺ آھي جنھن سبب لاش دفنائڻ لاء پريشان آھيون جڏھن ته لاش پنج ڪلاڪن تائين ڪيمپ تي پيل رھيو انتظاميه نه پھچي سگھي ڪيمپ ۾ ترسيل توڙي علائقي واسين چندو ڪري پرائيويٽ ٻيڙي ذريعي لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا جنھن جي تدفين ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.