ميرپورخاص ڊويزن ۾ بندن کي ڪٽ ھڻڻ جو فيصلو

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) ميرپورخاص ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي مختلف تعلقن جي ڳوٺن زرعي زمينن ۽ شھرن ۾ بيل برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڊويزنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ڊويزنل ڪمشنر ۽ ٽاسڪ فورس جي ڊويزنل چيئرمين سيد اعجاز علي شاهه جي صدارت ٿيو، اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ، ميجر پاڪ آرمي، ايڊيشنل ڪمشنر علي نواز ڀوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  اجلاس ۾ گڏيل فيصلوڪيو ويو ته پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ مختلف هندن تي ڪٽ ھنيا ويندا ته جيئن پاڻي کي نيڪال ڪري متاثر علائقن ۾ زندگي کي بحال ڪري سگهجي ۽ متاثر پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي زمينون آباد ڪري سگهن، ڊويزنل ڪمشنر سيد اعجاز علي شاھ چيو ته جن به زميندارن پنھنجي  زمينن کي بند لڳائي پاڻي کي روڪيو آهي انھن جي  زمينن مان مرحلي وار  بندن  کي ڪٽ لڳائي زمينن جي پاڻي کي رستو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.