صوبن طرفان خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ واڌ رڪارڊ

اسلام آباد(م ڊ) صوبن طرفان خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولي ۾ گذريل مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت طرفان دستياب انگن اکرن موجب مالي سال 2022ع ۾ صوبن طرفان خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي وصولي جو ماپو 3 کرب، 55 ارب، 72 ڪروڙ روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو مالي سال 2021ع جي مقابلي ۾ 21.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي،

چين ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ وڌي 93 ٿي ويو

بيجنگ(م ڊ) 5 سيپٽمبر تي چين جي صوبي سيچوان جي لوڊنگ ڪائونٽي ۽ پسگردائي ۾ 6.8 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو جنهن سبب فوتگين جو انگ 93 ٿي ويو آهي جڏهن ته 25 ڄڻا هن وقت تائين گم آهن. ريسڪيو هيڊ ڪوارٽر مطابق 55 فوتگيون پريفيڪچر گانزي تبتي ۾ ۽ 38 ياآن ۾ ٿيون جڏهن ته لوڊنگ ۾ 9 ۽ ياآن جي شميان ڪائونٽي ۾ 16 ڄڻا گم ٿيا آهن.

وزيراعظم جي برطانيا جي نئين بادشاهه چارلس ٽئين کي مبارڪباد

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بادشاهه چارلس ٽئين جي لاءِ سندس برطانيا جي تخت تي ويهڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم دعا ڪئي ته برطانوي عوام سندس سخاوت سان ڀرپور حڪومت جي دور ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.