43 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ اپت متاثر، خوراڪ کوٽ، جنگي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرايو: ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار رپيا في مڻ تجويز ڪرڻ جي آجيان ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي ٿيل اجلاس بعد ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾  ايندڙ سال ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ زمين جي دستيابيءَ کي هڪ وڏو چئلينج قرار ڏنو ۽ چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت 80 سيڪڙو زمينون سمنڊ جو ڏيک ڏين پيون، سنڌ سرڪار لاءِ اهو سڀ کان وڏو ٽاسڪ آهي ته اها آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتن ۾ ٻين کاتن مان قابل عملدار ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪري ڏينهن رات ڪم ڪرائي پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال ڪري ٻنين مان جنگي بنيادن تي پاڻي نيڪال ڪرائي ربيع جي فصل لاءِ زمين تيار ڪرائي ڏي، هنن چيو ته 15 آڪٽوبر بعد سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوک جي مند شروع ٿي ويندي. ڪڻڪ جي پوک ۾ صرف هڪ مهيني جو وقت بچيو آهي، ان وقت ۾ زمين خالي ٿيڻ ۽ تياري ڪرڻ حڪومت توڙي آبادگارن لاءِ وڏو چئلينج آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ هر سال 43 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سنڌ پيدا ڪري ٿي، جيڪا هن سال 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيداوار ملڻ به مشڪل هوندي، سنڌ کي سالياني ڪڻڪ جي کپت 42 لک ميٽرڪ ٽن آهي، جيڪڏهن اهو هدف حاصل نه ٿيو صوبي ۾ فوڊ ۽ سيڪيورٽي جو بحران پيدا ٿيڻ سان سنڌ ۾ ڏکي صورتحال ٿيندي ۽ اٽي جو اگهه 200 رپيا في ڪلو ٿيڻ تائين پهچي ويندو. ان ڪري آبادگارن کي راشن جي مد ۾ ڪابه امداد نه کپي، انهن کي صرف ٻنيون هنگامي بنياد تي خالي ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن هو پنهنجي ايندڙ ڪڻڪ جي پوکي تي ڪم ڪري سگهن. ايوان زراعت سنڌ پراڻو مطالبو ورجائيندي چيو ته برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين سان سنڌ جي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جو هن وقت تائين 700 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ان جا ذميوار آبپاشي ۽ ڊرينيج کاتي جا عملدار آهن، انهن کي گرفتار ڪري تاريخي سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر اهڙي بربادي نه ٿي سگهي، سنڌ جي تباهي برسات سان نه پر ڪامورن جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نتيجي ۾ ٿي آهي، جنهن سبب سنڌ ترقي جي ميدان ۾ 10 سال پوئتي رهجي وئي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاههه کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور آبپاشي ۽ ڊرينيج جي عملدارن کي متحرڪ ڪري ۽ ايڊهاڪ تي سڀني آبپاشي عملدارن کي ٻنيون خالي ڪرائڻ جو ٽارگيٽ ڏي ۽ ان لاءِ عملي طور تي ڪم ٿيندو نظر اچي. ايوان زراعت سنڌ اڃا تائين هلندڙ گهارن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انهن تي فوري ضابطو آندو وڃي ۽ هر کاتي مان قابل عملدارن جون پاڻي نڪال ڪرائڻ لاءِ ڊيوٽيون لڳايون وڃن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.