پاڪستان جي شڪست تي ڪراچي ۾ افغانين جو جشن، ملڪ خلاف نعرا

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ افغانين پاران ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي هارائڻ تي جشن ملهايو ويو، بنارس ڪالوني ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ افغاني فغانستان جو جهنڊو کڻي نڪري آيا ۽ پاڪستان جي شڪست تي خوشي ۾ نعرا هڻي جهمريون هنيون جڏهن ته هڪ ٻئي واقعي ۾ هڪ نوجوان کي اڌ اگهاڙو ڪري پاڪستان خلاف نعرا هڻايا ويا، اهڙي بدمعاشي تي حڪومت اڃا تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس دوران صحافي ارباب چانڊيو سوال ڪيو ته افغانين هتي جشن ملهايو ۽ پاڪستان مرده باد جا نعرا هنيا، اسان مطالبوڪريون ٿا ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سرڪاري پريس ڪانفرنسن جو بائيڪاٽ ڪنداسين،صوبائي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين سان ڳالهايو ويندو، اهو مذمت جوڳو عمل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.