ڊينگي، مليريا وڌڻ تي پيناڊول جو بحران برقرار، حۡڪومت بيوس

اسلام آباد(م ڊ)صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته مٿي جو سور گهٽ ٿئي ته دوائن جي کوٽ ڪڏهن نه ٿئي، ڇو ته جنهن دوا جي شارٽ ٿيڻ جو چيو پيو وڃي اها مٿي جي سور جي ڪري به شارٽ ٿي وڃي ٿي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته چيو پيو وڃي ته مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته غيرذميوار بيانن سان ذخيره اندوزن کي فائدو ٿئي ٿوماڻهو به ڊڄي وڌيڪ دوائون خريدڻ لڳن ٿا، هن چيو ته دٻاءُ ۾ ايندڙ دوائن جي ڪمپنين ۾ نگران ويهاري ڇڏيا آهن، ڊرگ انسپيڪٽر به اڄ کان روزاني بنياد تي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻ جو پابند هوندو، هن چيو ته ڪو چوي ٿو ته پيراسيٽامول گهٽ آهي ته بلڪل غلط آهي، هڪ سوال تي ڪاوڙ ۾ هن چيو ته ڇا مان به ڪياني وانگر دوائن جا اگهه وڌايان؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.