پي ٽي آءِ پاڪستان جي امداد بند ڪرائڻ جي سازش ڪئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ  ۽  ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثر اسان جي ريڊ لائين آهن ، گذريل ڏينهن پي ٽي آئي ڪريل سازش ڪئي آهي، هڪ جعلي تصوير 600 اڪائونٽس تان وائرل ڪئي وئي آهي  ۽ اقوام متحده سميت عالمي امدادي ادارن کي ٽيگ ڪئي وئي آهي ۽ انھن تي  زور ڀريو ويو آهي ته پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي،  آئون بحثيت  هڪ پاڪستاني  ۽ ذاتي حيثيت ۾ وفاقي حڪومت ، وفاقي وزير گهرو رانا ثناا لله  ۽ سمورن ادارن کي اپيل ڪيان ٿو ته پاڪستان ۽ ٻوڏ متاثرن خلاف ڪريل حرڪت ۾ جيڪو به ملوث آهي ان خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ،  هن اعلان ڪيو ته هو ذاتي حيثيت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ان معاملي تي درخواست داخل ڪندو  ،  اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ڪراچي ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ،  هن چيو ته  اين سي او سي پڻ ان معاملي تي ترديد جاري ڪئي آهي ته اهڙي قسم جي کين ڪا به امداد ناھي ملي ،  هن چيو ته عمران خان  وزير اعظم بڻجڻ لاءِ  اهي حرڪتون ڪري رهيو آهي ،  عمران خان هر شئي پنهنجي مرضي موجب چاهي ٿو ، آمريڪي  سازش جي رٽ لڳائڻ وارو بني گالا ۾ لڪي  آمريڪي ايمبيسي جي اختيارين ۽ سفارتڪارن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي ،  صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ،    هن چيو ته ٻاهرين ملڪن مان گهرايل ڪڻڪ اسان کي 8000 رپين کان 8500 رپيا في مڻ  ۾ ملي ٿي اها به ايتري معياري ڪڻڪ نه هوندي آهي ان ڪري سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن آبادگارن جي معياري ڪڻڪ 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڇو نه خريد ڪجي ، ان قدم سان آبادگارن کي به فائدو  پهچندو  ، صوبائي وزير چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ سيڪريٽري خوراڪ  بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن ڪارڻ سرڪاري گودامن ۾ 4 کان 5 سيڪڙو  ڪڻڪ متاثر ٿي پر ان جو درست اندازو پاڻي جي مڪمل نيڪال کان بعد ئي لڳائي سگهجي ٿو ،  هن چيو ته ٻوڏ متاثر ڪجهه علائقن  مان پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي  جڏهن ته جهڏو ۾ پاڻي جي ڪري صورتحال تمام خراب آهي  ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت وڌيڪ سخت فيصلا ڪري سگهي ٿي ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.