نئين سياسي پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو، دستاويزي ڪم مڪمل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي موجوده سياسي گرما گرميءَ  ۾ هڪ نئين سياسي پارٽي ميدان ۾ اچڻ جا چئو ٻول وڌي ويا آهن، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته نئين سياسي پارٽيءَ جو دستاويزي ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، يعني  اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن لاءِ گهربل هڪ هزار ميمبرن جي سڃاڻپ ڪارڊ سميت فهرست تيار ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فوري طور ان سلسلي ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري غلام  سرور کي سرگرم ڪيو ويو آهي جيڪو نئين پارٽي جي قيادت ۾ شامل آهي. جڏهن ته ٻي شخصيت ڊسمبر ۾ سرگرم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ڪري ته ان کي اميد آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي سزا ۾ رعايت ملي ته هو به ان رعايت جومستحق ٿي ويندو ۽ پارٽي جون واڳون سنڀاليندو اها شخصيت جهانگير ترين آهي.

ذريعن  جو چوڻ آهي ته  اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو سمجهيا ويندڙ  سياستدان به چوڌري سرور سان رابطي ۾ اچي ويا آهن، اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي رجسٽريشن ڪرائڻ شرط باضابطا اعلان ڪيو ويندو. آزاد ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جا اڳوڻا اڳواڻ  ۽ عمران خان جي ويجهو رهندڙ عليم خان، عون چوڌري ۽ ٻيا اڳواڻ به نئين پارٽي جو حصو ٿي سگهن ٿا.  جنهن ڏينهن نئين پارٽي جي نالي جو اعلان ٿيو ته اهو  پي ٽي آءِ تي بم ڪرڻ برابر هوندو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 2022-09-13 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.