دوائون غائب آهن، ٻاهرين امداد خبر ناهي ڪيڏانهن پئي وڃي: محنتي

ٺٽو/ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏوچيلينج ضرور پر ناممڪن ڪونه آهي،هاڻوڪي طوفاني برسات۽ٻوڏ جي شدت 2010 واري ميگافلڊ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي،هي وقت حڪمرانن جي روئڻ ڌوئڻ جو نه پر بهترحڪمراني ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻڻ جو آهي.هن وقت به سنڌ جي شهرن ۾ ڪئي فٽ پاڻي بيٺل آهي گندو پاڻي توڙي مڇرن جي آزارسبب مليريا ڊينگي بخار ۽ گيسٽرو جي بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي.ظلم ته وري اهو آهي جو پينا ڊول سميت بخارجي دوا مارڪيٽ مان اڻلڀ بڻائي وئي آهي.هن چيو ته غريب ماڻهو بي يار و مددگارکليل آسمان هيٺ ويٺل آهن خبر ناهين ته ٻاهران ايندڙ امداد ڪاڏي ٿي وڃي؟.اهڙن خيالن جو اظهار هن سجاول ۽ ٺٽي جي برسات متاثرن ۾ امدادڳ سامان ورهائڻ دوران ڪيو. سنڌ جي امير سجاول سورجاڻي بندجو دوروڪري سيلابي پاڻي جي صورتحال جو جائزو۽ جهرڪ ۾ 100خيمن تي ٻڌل الخدمت خيمو وسندي جو افتتاح توڙي ڪچو راشن پڻ ورهايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.