بچي ويل ٻه لک ماڻهن ۽ شهرن کي به ٻوڙڻ جي ڪوشش! هزارين ماڻهو مورچو بڻجي ويا

ڪلوئي/ بدين(رپورٽ: نواز لنڊ  + رازق ڏنو کوسو) ڪلوئي ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ جي ڪوشش دوران هزارين ماڻهو پنهنجن ڳوٺن ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ مورچو بڻجي ويا، ڇڪتاڻ سبب پوليس پوئتي هٽي وئي، خبر موجب راڪاس ايل بي او ڊي سم نالي کي آر ڊي 211 تان ڪٽ ڏيڻ لاءِ بدين، مير پور خاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي پنجاهه کان به وڌيڪ پوليس موبائيلون ۽ ڪيتريون ئي قيدين جون وينون ۽ بڪتر بند گاڏيون زيرو پوائنٽ تي پهتيون، جتي موجود هزارين ماڻهن سخت مزاحمت ڪري پوليس کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جي وڏي نفري آبپاشي عملدارن ۽ عملي سميت مشينري کڻي پهتي ته هزارين ماڻهو احتجاج ڪندي انتظاميا آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، هٿرادو ڪٽ هڻي ٻوڙڻ خلاف نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي ۽ ڊي سي بدين زيرو پوائنٽ تان امڪاني ڪٽ واري هنڌ کان هڪ ڪلو ميٽر پري بيٺل رهيا، جڏهن ته مقامي ماڻهن سليم جوڻيجو، بابو جان لنڊ ۽ وسايو مورو سميت هزارين ماڻهن سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته اڳيان پاڻي جو رستو نه آهي ڪٽ ڏيڻ سان ٻه لک ماڻهو، سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويندو، هنن چيو ته پيپلزپارٽي اسان سان ظلم ڪري رهي آهي، هي اسان سان آبي دهشتگردي بند ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جان جو نذرانو ڏئي سگهون ٿا پر زيرو پوائنٽ واري هنڌان ڪنهن به صورت ۾ ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين، هوڏانهن پوليس زيرو پوائنٽ طرف ويندڙ روڊ تي پوليس پڪٽ قائم ڪري ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪي رهي آهي، هوڏانهن ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مونکي مٿان حڪم مليو آهي اسان هر حال ۾ ڪٽ ھڻنداسين، خبر لکڻ تائين پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون هلندڙ هيون، واضح رهي ته ڪٽ لڳڻ جي صورت ۾ تعلقو ڪلوئي مڪمل تباهه ٿي ويندو، تعلقو بدين ۽ تعلقي ٽنڊوباگو سخت متاثر ٿيندا، جن ۾ تعلقه ٽنڊوباگو جي يونين ڪائونسل پير بودلو، نيوي چڪ، بلوچ چڪ، ٽائون ڪميٽي کوسڪي جو وارڊ نمبر 8 سخت متاثر ٿيندا، تعلقي بدين جي يونين ڪائونسل مٺي ٿري، قبائلي چڪ، سنگل چڪ، جتوئي واٽر ڪورس ۽ ٻيا علائقا مڪمل طور ٻڏي ويندا، ان کانسواءِ تعلقي ڪلوئي جا ڪيٽي، ڪاجھر، ونگو، ڪلوئي شهر، لس، بلوچ آباد سميت تعلقو ڪلوئي مڪمل طور ٻڏي ويندو، اهڙي طرح ٿرڪول جو مک روڊ مٺي ڪراچي روڊ پڻ ٻڏي ويندو، جنهن سان ٿرپارڪر ۽ بدين جو رابطو ختم ٿي ويندو امڪاني ڪٽ جي صورت ۾ هڪ لک کان وڌيڪ خاندان بي گهر ٿي ويندا، جڏهن ته بدين ۽ ٿرپارڪر جي 80 ھزار ايڪڙ کان وڌيڪ تي بيٺل مرچ ٽماٽر ۽ ڦٽي جو فصل پڻ مڪمل تباھ ٿي ويندو، اهڙي طرح هزارين ڍور به مري سگهن ٿا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ايم پي اي مير طارق ٽالپر ۽ مير منور ٽالپر انا جو مسئلو بڻائي غير قانوني ڪٽ هڻي جي ماڻهن کي ٻوڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ سرڪار پاران بااثر ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ هتي جي لکين خاندانن کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن چيو ته ڪٿي جو قانون آهي ته معصوم ماڻهن کي ٻوڙيو وڃي، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي حڪومتي ڌرين کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.