ڊينگي ڪيسن ۾ واڌ، ڪراچي ۾ 7 مريض فوت

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڊينگي ۾ مبتلا وڌيڪ 7 ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا، صحت کاتي جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 113 ڪيس ظاهر ٿيا، جن مان 107 جو تعلق ڪراچي سان آهي، هڪ رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، ڪراچي جون سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون ڀرجي ويون آهن، ڊائون جي ايم ايس موجب اسپتال ۾ روزانو 40 کان 50 مريض داخل ٿي رهيا آهن، 8 مريض آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهن، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊينگي جو ڪو مخصوص علاج يا ويڪسين موجود ناهي پر مڇرن جو خاتمو ئي ان جو علاج آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.