عمران خان مان جان ڇڏرائڻ لاءِ مذهب ڪارڊ استعمال ڪن ٿا: فواد چوڌري

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان مان جان ڇڏرائڻ لاءِ مذهب ڪارڊ جو استعمال ڪيو پيو وڃي، حڪومت مختلف بيانن کي آڙ وٺي مذهبي نفرت پکيڙڻ جو ماحول پيدا ڪرڻ  چاهي ٿي،  اسلام آباد ۾ ثانيا نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هڪ ٻن صحافين جو گروپ آهي، جيڪو اسٽريٽجڪ ميڊيا سيل سان گڏ ڪم ڪندو آهي، انهن هڪ وڊيو ٺاهي آهي، اهي ماڻهو اصل ۾ عمران خان کي قتل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن، هي سمورا ماڻهو اسڪيم جا ننڍا ننڍا حصيدار آهن، جيڪي مذهبي نفرت پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته ها ميڊيا اسٽريٽجڪ سيل مريم نواز هلائيندي آهي، پئسا به اها خرچ  ڪندي آهي، اسڪيم جوڙڻ به ان جو ڪم آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.