ٺل اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت

ٺل(رپورٽ: سيد زين شاهه) ٺل ڀرسان دين ڳڙھ جي ڳوٺ غلام نبي کوسو جو رهواسي معصوم ٻارڙو سرڪاري اسپتال ٺل ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري تڙپي تڙپي فوت ويو، ڳوٺ غلام نبي کوسو جي رھواسي عبدالوهاب کوسو صحافين کي ٻڌايو ته ننڍڙي عبدالوهاب کي تيز بخار ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ۾ کڻي آياسين، جتي ڊاڪٽر نه هجڻ ۽ انهن جي لاپرواهي سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، هن چيو ته سخت گرمي سبب ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪا به سهولت نه ملي ۽ بجلي جو نظام به درهم برهم لڳو پيو هو،  ننڍڙي عبدالوهاب جو ترت علاج ڪيو وڃي ها ته شايد بچي وڃي ها، معصوم جو لاش گهر پهچڻ تي ماتم مچي ويو، معصوم کي پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته ٻوڏ ايمرجنسي باوجود تعلقي اسپتال ٺل جي ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن سپريم ڪورٽ ۽ سيشن جج جي حڪم کي هوا ۾ اڏامي ڇڏيو آھي، ڊاڪٽرن سرڪاري اسپتال بدران پنهنجي ڪلينڪن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ لڳا آهن، تعلقي اسپتال ۾ 27 ڊاڪٽرن هجڻ باوجود اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ هوندي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.