پاڪ فوج ۽ سول ادارن دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول ادارن وقت سر ڪاروائي ڪندي دادو گرڊ اسٽيشن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، 36 ڪلاڪ مسلسل ڪم کانپوءِ 2.4 ڪلوميٽر پروٽيڪشن بند جوڙيو ويو. ان بند جي نتيجي ۾ دادو گرڊ اسٽيشن ٻوڏ جي وهڪري کان محفوظ رهيو. گرڊ اسٽيشن جي آس پاس بند ٺاهڻ سان نه رڳو اهو گرڊ محفوظ رهيو پر علائقي کي بجلي جي فراهمي پڻ معطل ناهي ٿي. پاڪ آرمي ۽ انجينيئرز ڪور پنهنجا وسيلا استعمال ڪندي اها ڪاميابي حاصل ڪئي. علائقي جي ماڻهن پاڪ فوج جو ٿورو مڃيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.