حڪمران فوٽو سيشن بدران ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن: سراج الحق

لاهور (پ ر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ پي ڊي ايم جي وچ ۾ ويڙهه سبب عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ٽنهي وڏين پارٽين جو منشور دراصل آءِ ايم ايف جي هر حڪم کي مڃڻ ۽ ان تي پوري دل سان عمل ڪرڻ آهي. حڪمران پارٽيون سودي نظام جون محافظ آهن. سود جو نظام انسانيت جو قاتل ۽ خودڪشي وارو نظام آهي. حڪومت فوري طور تي سود واري نظام جي خاتمي لاءِ پهريون قدم کڻي ۽ الله سان جنگ ڪرڻ بندڪري توبه استغفار ڪري الله کان معافي گهري. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران ٻوڏ متاثر علائقن جي بحاليءَ لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ناڪامي هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. حڪمران فوٽو سيشن ۽ فضائي سروي بدران متاثرين جي مدد لاءِ سنجيدگيءَ سان قدم کڻن.  ان چيو ته جماعت اسلامي هڪ جمهوري ۽ ترقي پسند جماعت آهي جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.