ڪراچي ۾ ڦر جي ڪوشش، 2 ڦورو شهري هٿان مارجي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) جي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ بئنڪ مان ٻن نوجوانن ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن جوابدارن کي پنهنجي ئي پستول سان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ موجب ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ واقع خانگي بئنڪ مان 50 هزار رپيا ڪڍي موٽرسائيڪل تي سوار ٻه نوجوان ابرار ۽ فيضان گهر وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين روڪيو ۽ رقم ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب ان دوران نوجوان ابرار جوابدار کان پستول کسي ورتو ۽ ساڳئي پستول سان فائرنگ ڪري ٻنهي جوابدارن کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ٻنهي ڦورن جا لاش تحويل ۾ ورتا جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.