ميرپورخاص ۾ چورن غريب فقيرياڻي کي به نه بخشيو

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص  جي چورن غريب فقيرياڻي کي به نه بخشيو نامعلوم چور فقيرياڻي جي جهوپڙي ۾ رکيل امدادي سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار تفصيل موجب ميرپورخاص جي علائقي محمود آباد جي لوڪو پاڙي جي جھڳي ۾ رھندڙ بيواھ ڀوري گوڙيو جيڪا سڄو ڏينھن شھر ۾ پني پنھنجي ٻارن جو گذر سفر ڪندڙ جي جهڳي ۾ اڻڄاتل چور داخل ٿي 2500 روپيا روڪ، خيرات ۾ مليل راشن ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا نامعلوم چورن پاران روڪ رقم ۽ سندس ٻچن جي کاڌي لاءِ رکيل سامان چوري ٿيڻ تي هنجون هاريندي چورن کي پٽون پاراتا ڏيندي رهي متاثر عورت فقير دانهيندي چيو ته سڄو ڏينهن در در تي صدائون هڻي خيرات ۾ مليل پئسه ۽ کادي پيتي جو سامان چور چوري ڪري فرار ٿي ويا منهنجا ٻچا بک تي ويٺا آھن هن مطالبو ڪيو ته چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل روڪ رقم ۽ سامان واپس ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.