لطيف هر طبقي جي ٻوليءَ جو شاعر آهي: ليکڪ/محقق

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي نامور ليکڪن، محققن، ٻولي ۽ لطيف شناسيءَ جي ماهرن چيو آهي ته "لطيف سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ سياسي ۽ سماجي شعور سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت استعمال ۾ انتهائي ڪمال جي حدن کي ڇھيو آهي. شاھ لطيف پنھنجو لھجو تخليق ڪيو، جنهن کي ڇھين لهجي طور ‘ لطيفي لهجو’ پڻ چئي سگهجي ٿو ۽ ان مخصوص تخليقي لھجي تي نئين رخ کان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي”. اهڙو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران منعقد ڪرايل ‘لطيف جي ٻولي’ مباحثي ۾ تاج جويي، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ ڊاڪٽر احسان دانش ڪيو. مباحثي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي نامور ليکڪ ۽ محقق مدد علي سنڌيءَ چيو ته ” لطيف هر طبقي جي ٻوليءَ جو شاعر آهي، خاص طور پورهيت ۽ پيڙهيل طبقن جي ٻوليء کي محفوظ ڪيو اٿس. گڏوگڏ هن پنھنجي شاعريءَ ۾ سياسي شعور جي انتها ڪري ڇڏي آهي. نامور اديب تاج جويي چيو ته  ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح جي ٻولي بڻائي ڇڏيو، هن نئون لهجو تخليق ڪيو، نوان محاورا تخليق ڪيا ۽ انهن کي نيون معنائون ڏنيون. هن چيو ته  لطيف ڪيفيتن کي لفظ ڏنا ۽ انهن لفظن ۾ ڪمال جي تخليق ڪئي، هو ڪرشماتي ۽ معجزاتي شخصيت هو، جنهن پنھنجي ٻوليءَ ۽ تخليق کي دوام بخشيو آهي.” ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي استاد ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر شير مهراڻيء چيو ته  لطيف سنڌي ٻوليءَ جو امين ۽ محافظ آهي. کيس هزارين سالن کان هلندڙ سلسلي موجب جيڪا امانت ملي، ان کي وڌيڪ خوبصورت ڪري، اسان تائين پهچايو،لطيف شناس ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته سنڌ طبعي لحاظ کان پنجن وڏن حصن ۾ پکڙيل آهي ۽ هر حصي جي ٻوليءَ جو الڳ لهجو آهي. لطيف نه فقط انهن پنجن لهجن ۾  شاعري ڪئي، پر انهن علائقن جي ننڍن ننڍن لهجن کي به ان ۾ سمايو آهي. هن چيو ته  شاھ جي شاعريءَ کي مرتب ڪندڙ وچولي ۽ لاڙ جا هئا، انهن زيرن زبرن ذريعي به لهجن ۾ تبديلي ڪئي، پر بنيادي طور لطيف جو لاڙي لهجو آهي.”آن لائن مباحثي جو ميزبان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر جو ڊائريڪٽر ۽ نامور محقق ڊاڪٽر فياض لطيف هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.