موسمياتي تبديلي،وبائن سبب ڪروڙين ماڻهو جديد غلامي تي مجبور

لنڊن(م ڊ) گذريل پنج ورهين دوران موسمياتي تبديلين ۽ عالمي وبا سميت ٻين آفتن ڪروڙين ماڻهن کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي.محنت واري عالمي اداري، آءِ ايل او، واڪ فري ۽ انٽرنيشنل آرگنائزيشن فار مائيگريشن جي نئين رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهو جبري پورهئي ۽ جبري شادين جو نشانو بڻجي چڪا آهن..اهڙي نموني جبري شادين جي شڪار ماڻهن جو انگ ٻه ڪروڙ ويهه لک آهي جن ۾ ٻه ڀاڱي انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي.

عورت جج کي ڌمڪيون ڪيس:عمران جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد ( م ڊ )  ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري کي ڌمڪين بابت ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان عورت جج زيبا چوڌري کي ڌمڪائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدالت جي جج راجا جواد عباس ڪئي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته پٽيشنر اڃان تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر وٽ عمران خان جو بيان موجود آهي. پراسيڪيوٽر ٻڌائي ته ان کي ٽائيم وٺڻو آهي يا بحث ڪرڻو آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.