سنڌ يونيورسٽي بوائز هاسٽل ۾ مهمان شاگرد سان اجتماعي بدفعلي، 3 شاگرد گرفتار

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل ۾ مهمان طور آيل شاگرد سان مبينا طور اجتماعي بدفعلي، متاثر شاگرد جي فرياد بعد پوليس جي هاسٽل تي چڙهائي، ٽي شاگرد گرفتار، لاڪ اپ، ايف آئي آر داخل

ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي جي زيڊ اي ڀٽو بوائز هاسٽل ۾ مهمان ٿي آيل شاگرد شهباز کوسو سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي آهي جنهن بعد شاگرد جي فرياد تي ڄامشورو پوليس سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي چڙهائي ڪري 3 ڄڻن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي پوليس پوسٽ جي انچارج اياز علي ٻگهيو ٻڌايو آهي ته 17 سالن جو نينگر شهباز پٽ شهبان علي کوسو پوليس پوسٽ تي پهچي ٻڌايو ته هو قاسم آباد جو رهواسي آهي سندس دوست پرويز جکراڻي، ارباب جکراڻي ۽ اسد ڀنگوار ڪن ٻين شاگردن سان جهيڙي جو چئي سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل ۾ وٺي آيا جتي هاسٽل جي روم نمبر 9 ۾ مون کي نشي وارو جوس پياري مون سان بدفعلي ڪئي وئي آهي.

نينگر جي اهڙي فرياد بعد پوليس الزام هيٺ آيل سنڌ يونيورسٽي جي ٽنهي شاگردن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪرڻ بعد سندن مٿان اجتمائي بدفعلي جي آيف آءِ آر داخل ڪئي آهي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر علي مغيري چيو آهي ته هاسٽل ۾ نينگر سان بدفعلي جي اسان کي ڪا به تصديق ناهي ملي ۽ نه ئي متاثر نينگر سنڌ يونيورسٽي شاگرد آهي، هن چيو آهي ته پوليس معاملي جي شفاف جاچ ڪري يونيورسٽي هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.