دنيا کان ملندڙ امداد وڏيرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي گودامن ۾ پيل آهي: پروگريسو الائنس

ڪراچي(رپورٽر) ڪنوينر پروگريسو الائينس ڪامريڊ امداد قاضي، صابر علي حيدر، نور احمد ڪاتيار،سيد لال شاهه،عبدالخالق جوڻيجو،رياض اشعر، سلطان احمد،تيمور رحمان ،تاج مري، شفقت بخاري سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته برساتي نالن ۽ ان جي فطري ۽ تاريخي وهڪرن تي سنڌ جي وڏيرن  خاص طور تي سرڪار ۾ شامل وحشي وڏيرن قبضا ڪري ڇڏيا آهن، هنن چيو ته سرائڪي وسيب ، سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪئين شهر اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن. هاڻي معصوم ٻار، پوڙها، بيمار، معذور ۽ عورتون سڀ کليل آسمان هيٺ گرمي جي شدت ۽ حبس ۾ بکيا اڃيا موت جو انتظار ڪري رهيا آهن،اسان جي سوچيل سمجھيل راءِ آهي ته انساني الميو موجوده جرنيلي ، وڏيرا شاهي ۽ سرمائيداري ڳٺ جوڙ واري نظام جو نتيجو آهي.هنن چيو ته  ائين لڳي ٿو ته پاڪستان جا  لالچي ، خود غرض ۽ انسانيت جي جذبي کان وانجھيل حڪمران ٻوڏ جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ۽ پاڻي کي روڪي دنيا کان امداد ۽ قرض حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا ، اڄ تائين ملندڙ امداد جو استعمال ڪٿي به نظر نٿو اچي، نه خيما ، نه مڇردانيون ، نه خوراڪ ، نه ڪپڙا نه ميڊيڪل جون سهولتون مهيا ڪري رهيا آهن۔ دنيا جي ڪئين ملڪن کان امدادي سامان پهچي چڪو آهي سو به وڏيرن يا ڊپٽي ڪمشنرن جي گدامن ۾ پيل  آهي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته امداد جي تقسيم عدالتي نگراني ۾ متاثرن مان سٺي ساک رکڻ وارن ايماندار ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي ذريعي ڪئي وڃي. حيرت ٿئي ٿي ته امداد وصول ڪرڻ لاءِ سچن ڪوڙن امدادي ادارن سان گڏو گڏ رينجرز سميت سرڪاري ادارا شهرين کان امدادي سامان گڏ ڪري رهيا آهن يعني رياست ڏيوالي جو شڪار آهي ته هو سرڪاري وسيلن ۽ غير ملڪي امداد جي باوجود اين جي اوز وارو ڪم ڪري رهي آهي، اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي نقشن ۾ موجود برساتن ۽ سيلابن جي فطري ۽ تاريخي وهڪرن تان قبضا ختم ڪرائي پاڻي کي سمنڊ ۾ وڃڻ جو رستو ڏنو وڃي.ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي کي سمنڊ تائين پهچائڻ ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن کي هٽائي ۽ انهي جي کوٽائي ڪئي وڃي.متاثرن لاءِ ويجھن شهرن خاص طور تي ڪراچي پهچندڙن لاءِ ٽينٽ سٽي يا ٽينٽ وليج بڻائي اسڪول ۽ ڪاليجن جي عمارتن کي خالي ڪرائي تعليمي  سرگرميون بحال ڪيون وڃن، متاثرن ۾ راشن ورھايو  وڃي۔ انهن کي پيئڻ لاء صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي.ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو ڪري انسانن ۽ جانورن لاءِ موبائل اسپتالن جو انتظام ڪيو وڃي. متاثرن کي مڇردانيون مهيا ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.