ٻوڏ متاثرن جون شڪايتون جائز، پريشانين جو احساس آهي، مجبوري ۾ ڪٽ هنيا: وڏو وزير

ڀان سيدآباد/ جوهي/ ميهڙ (رپورٽ: آدم مينگل + ايم اسماعيل پيرزادو + فراز چنا) سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي سبب لکين ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن، متاثر بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن، کين نه راشن مليو، نه پيئڻ جو پاڻي يا وري ڪو ٽينٽ، برساتن سبب سندن اهنج وڌي ويا آهن، ٻي پاسي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سيوهڻ پهچي ٻيڙي ذريعي مختلف يوسيز جو دورو ڪرڻ بعد واهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته تعلقي سيوهڻ ۾ 10 يونين ڪائونسلون ٻڏي ويون آهن، منڇر ڍنڍ کي اسان ڪٽ مجبور ٿي ڏنو جيڪڏهن ڪٽ نه ڏيون ها ته منڇر ٽٽي پوي ها، منهنجي گهر جي يوسي واهڙ به ٻڏي وئي آهي، ماڻهن جي پريشانين جو احساس آهي، ٻوڏ متاثرن جون شڪايتون جائز آهن، هن چيو ته تعلقي سيوهڻ جي يوسيز ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آهي، 2010ع واري ٻوڏ کان هي پاڻي تمام گهڻو آهي، ماڻهن کي هر سامان ملندو، مڇردانيون ۽ خيما به گهرايا آهن، مشڪل وقت آهي، اها اسان مٿان هڪ آزمائش آهي پر اسين عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هن چيو ته دادو جو فضائي معائنو ڪيو آهي، اميد آهي ته دادو کي نقصان نه ٿيندو، منڇر کي 5 هنڌن تان ڪٽ ڏيئي پاڻي درياء ۾ ڇوڙ ڪيو آهي، پويان پاڻي گهڻو اچي پيو، وڏي وزير چيو ته سڀ کان پهريان ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جو ڪم اولين ترجيح آهي، سنڌ ۾ هر شهر ۾ پاڻي بيٺل آهي، جيترا به وسيلا آهن اهي استعمال ڪريون پيا، وڏي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي به مون اهو چيو ته اسان کي پئسا نه کپن، سامان ڏيو ته جيئن متاثرن جي واهر ڪريون، هن مخير حضرات کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پي ڊي ايم اي سان رابطو ڪري سامان جي صحيح طريقي سان ورهاست ڪن، جيئن اهو امدادي سامان حقيقي متاثرن تائين پهچي، سرڪار ماڻهن جي جيتري مدد ڪري پئي اها گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته نقصان تمام گهڻو ٿيو آهي، ان کان اڳ وڏي وزير ٻيڙي ۾ سوار ٿي واهڙ، بوبڪ، آراضي ۽ ڀان سيدآباد جو دورو ڪري ٻوڏ سٽيل علائقن جو معائنو ڪري ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو. وڏي وزير جي ڀان سيدآباد ۽ واهڙ آمد دوران ٻوڏ متاثرن انتظاميا خلاف شڪايتون ڪيون، وڏي وزير ماڻهن کي مدد جي خاطري ڪرائيندي ڊي سي کي ڇنڊ پڻ پٽي، متاثرن چيو ته سائين اسان کي کاڌ خوراڪ توڙي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي، ڊي سي ڄامشورو ڪٿي نظر ئي نه پيو اچي، جنهن تي وڏي وزير ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان متاثرن جي مدد ڪريو جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي نظر آئي ته اوهان کي هٽائيندس، وڏي وزير ڊي سي کي ڀان سيدآباد ۽ سيوهڻ ۾ موجود رهي متاثرن جي مدد ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو، جوهي جي رپورٽر موجب جوهي ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن، گذريل ٽن هفتن کان ٻوڏ جي پاڻي رستا ٻوڙي روڪي ڇڏيا آهن،  هزارين متاثرين ڪئمپن روڊن رستن تي بي يارو مددگار آهن، ڳوٺن اندر ٻوڏ جي 10 فٽن کان مٿي بيٺل پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، ڊي سي دادو ۽ پ پ جو هڪ به چونڊيل نمائندو متاثرين کي ريسڪيو ڪري ناهن سگهيا نه ئي ٻڏندڙن وٽ لڙي ويا آھن، ميھڙ جي نمائندي موجب ميھڙ ۾ پاڻي ۾ معمولي لاٿ آئي آهي جيڪا جاري آهي، ھوا سبب رنگ بند تي پاڻي جون ڇوليون رنگ بند سان ٽڪرائجي رھيون آھن، ھوڏانھن ميھڙ ۾ سپريو بند توڙي ايف پي بندن تي ويٺلن جي واھر ناھي ٿي سگھي، جنھن سبب متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.