سرهاڙي جي برساتن متاثرن جو وارهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

سرهاڙي جي ڳوٺ آچر جمالي جي رهواسين پاران برساتن بعد وارهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رهواسين مينهون، عبدالرحمان، هدايت جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي رهواسين جو چوڻ هو ته برساتن بعد سوين گھر ڊهي پيا آهن، مينهن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا ۽ گيسٽرو سوڌو ٻين بيمارين ڪر کنيو آهي.

هنن چيو ته برساتن کانپوءِ سندن ڳوٺ جو سمورن شهرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، بيروزگار هجڻ سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون پر  ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي.

ڳوٺاڻن پ پ جي اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته هنن جي مالي سهائتا ڪرڻ سوڌو ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.