قمبر جي شهري اتحاد جو صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

قمبر ۾ شهري اتحاد پاران صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

ڪارڪنن صدر اسلم تنيو، مجاهد شاهه، علي جان مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽو چوڪ تي ٽائرن ساڙي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود شهر ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سبب گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي صفائي ڪندڙ ملازمن کي سفارشن تحت سياسي ماڻهن جي بنگلن تي مقرر ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري شهر جي روڊن رستن تي نالين جو ڪنو پاڻي ۽ گندگي جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب شهري مليريا ۽ گيسٽرو سوڌو بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.

اڳواڻن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهر جي هنگامي بنيادن تي صفائي سٿرائي ڪرائي شهرين کي بيمارين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.