ميروخان ۾ برسات متاثرن جو يوسي چيئرمين ۽ ٻين جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

ميروخان ۾ برسات متاثرن پاران يوسي چيئرمين ۽ ٻين جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يوسي ٺوڦ چوسول جي ڳوٺ جان محمد لغاري جي متاثرن توفيق لغاري، رضوان احمد، اميياز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو ميروخان روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن الزام هڻندي چيو ته يوسي چيئرمين مسعود لغاري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر شفقت رسول ڪلهوڙو سنڌ سرڪار طرفان برسات متاثرن لاءِ ملندڙ راشن مستحقن بدران من پسندن کي ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته برساتن بعد فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون پر يوسي چيئرمين ۽ ٻيا عملدار پنهنجا نوازي ۾ پورا آهن، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

برسات متاثرن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته يوسي چيئرمين ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر جي زيادتين جو نوٽيس وٺي من پسندن بدران مستحقن کي راشن ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.