”جن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي انهن لاءِ 25 هزار وڏي معنيٰ رکن ٿا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير۽  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ​​جي چيئرپرسن شازيا مري چيو آهي ته ٻوڏ متاثر ڪٽنبن کي 25 هزار رپيا ٻوڏ رليف ڪيش امداد تحت ڏنا ويندا. هي پيسا انهن لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا جن ٻوڏ سبب سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي.
غير معمولي حالتن جي باوجود بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مختصر عرصي ۾ 9 لک 46 هزار 813 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ورهائي چڪو آهي.
هن چيو ته اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته وزيراعظم ڪيش رليف ورهائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چونڊ ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون مانيٽرنگ ٽيمون رليف جي ورهاست جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.