ڪي اليڪٽرڪ انتطاميا پاڪستان جي باني جي مزار کي به نه بخشيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي باني جي مزار تي لوڊشيڊنگ معمول بڻجي چڪي آهي
قائد اعظم جي مزار تي روزانو چار ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب منجهند ڏيڍ وڳي کان ٽي وڳي ۽ شام ساڍي ڇهين وڳي کان رات اٺين وڳي جڏهن ته رات نائين وڳي کان ٽي وڳي تائين لوڊشيڊنگ جاري آهي
لوڊشيڊنگ جي ڪري قائداعظم جي مزار مڪمل طور اونداهي ۾ ٻڏل رهي ٿي
چئني پاسي ٽاورز تي لڳل فلڊ لائيتس بجلي جي اڻهوند سبب غير فعال ٿي وڃن ٿيون
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي معطل ٿيڻ سبب مزار جون سيڪيورٽي ڪيمرائون به غير فعال رهن ٿيون.
مزار کي لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ مليل آهي پر ان باوجود جولاءِ کان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.
ٻه مهينا گذرڻ باوجود هن مسئلي جو حل ناهي ڳوليو ويو.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ رابطا رڳو زماني آهن جڏهن ته گڏجاڻين ۾ به لوڊشيڊنگ جو حل ناهي ڪڍيو ويو.
قائداعظم جي 74هين يومِ وفات تي رات ٽي وڳي کان صبح تائين بجلي فراهمي معطل رهي هئي.
اڄ اومان جي هڪ اعليٰ سطحي وفد قائداعظم جي مزار جو دورو ڪيو ته اوچتو بجلي بند ٿي وئي.
ذريعن موجب پرڏيهي وفد ان موقعي تي هڪ هڪ ٻئي جا منهن ڏسي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.