متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيو ته پئسا نه سامان ڏيو: مراد علي شاهه

 

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، متاثرن جي جيتري به مدد ڪيون گهٽ آهي.

سيد مراد علي شاهه سيوهڻ جي ٻوڏ متاثرن علائقن جو فضائي دورو ڪيو، جڏهن ته هن ٻيڙي ذريعي مختلف يوسين جو پڻ دورو ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سيوهڻ جي يوسين ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي بيٺل آهي، پاڻي 2010 واري ٻوڏ کان تمام گهڻو آهي، ڏکيو وقت آهي، اسان تي آزمائش آهي پر متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

هن چيو ته پويان گهڻو پاڻي اچي رهيو آهي، منڇر کي 5 هنڌن تان ڪٽ ڏئي پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو آهي، اميد آهي ته دادو کي نقصان نه ٿيندو، ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ پهرين ترجيح آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ هر شهر ۾ پاڻي بيٺل آهي، سڀ وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي به مون چيو ته پئسا نه کپن، اسان کي سامان ڏيو ته متاثرن جي واهر ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.