ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏڻ ئي وڏي ڳالهه هئي، عالمي ڪپ کٽينداسين: رميز راجا

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ناڪ آئوٽ ميچ ڪو به دٻاءُ نه هو ۽ پاڪستان جي اها ٽيم عالمي ڪپ کٽي ڏيکاريندي.

دبئي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي رميز راجا طنزيه چيو ته فائنل ميچ ۾ جڏهن آخري اوور ۾ پاڪستان کي 38 رنسون گهربل هيون ته ان وقت لڳو ته ميچ هٿن مان نڪري چڪي آهي.

رميز راجا چيو ته پاڪستان جي فيلڊنگ ۾ ڪيچ ڊراپ ٿيڻ سان ميچ ۾ پوزيشن ڪمزور ٿي، بيٽنگ جو رڌم پڻ نه جڙي سگهيو، هن چيو ته ٽي ٽوئنٽِ ميچن ۾ اسپنرن کي سٺي نموني کيڏڻ  گهرجي.

هن چيو ته ايشيا ڪپ دوران ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه سارو گنگولي سان ڪرڪيٽ بابت ڪائي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.

رميز راجا ٽيم کي پيغام ڏيندي چيو ته سٺي ڪرڪيٽ کيڏندا رهو، وڏيون ميچون کيٽينداسين.

پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏڻ پاڪستان ٽيم لاءِ وڏي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.