بُري خبر، روح افزا جي وڪري تي پابندي لاڳو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ پاڪستاني روح افزا جي وڪرو تي پابندي لڳائي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي ڪمپني نيشنل فائونڊيشن عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته آن لائين ريٽيلر ايمازون ڀارت ۾ همدرد ليبارٽريز پاڪستان جو تيار ڪيل روح افزا وڪرو ڪري رهيو آهي.

همدرد فائونڊيشن ۽ همدرد ليباريٽريز ( ڀارت ) پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته همدرد ۽ روح افزا جي لوگو جا حق ۽ واسطا سندن وٽ آهن پر ڪجهه ٻيا ادارا ايمازون تي روح افزا وڪرو ڪري رهيا آهن.

همدرد فائونڊيشن چيو ته ايمازون تي جيڪو روح افزا وڪرو ٿي رهيو آهي اهو پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارت جي قانوني گهرجن کي پورو ناهي ڪيو ويو .

جنهن بعد دهلي هاءِ ڪورٽ ايمازون کي 48 ڪلاڪن اندر پاڪستاني روح افزا کي پنهنجي فهرست مان هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

دهلي هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته روح افزا اهڙو شربت آهي جيڪو ڀارتي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي کان استعمال ڪري رهيا آهن.

عدالت چيو ته ايمازون جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي پليٽ فارم تي وڪرو لاءِ موجود ڪنهن به شئي جي وڪرو ڪندڙ ۽ ان جا سمورا تفصيل شامل ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.