پاڪستان ۾ گلوبل وارمنگ جي اثرن جو معاملو عالمي فورم تي اٿارڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گلوبل وارمنگ جي پاڪستان تي اثرن جو معاملو عالمي فورم تي اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان طرفان انٽر پارليامينٽري يونين جي ايندڙ اجلاس ۾ ٻوڏ صورتحال غور هيٺ آڻڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي آءِ پي يو جي صدر دوارتي پاشيڪو نالي خط لکيو آهي.

خط جي متن موجب پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1400 ماڻهو فوت ٿيا ۽ ملڪ جو وڏو حصو ٻڏل آهي.

سينيٽ چيئرمين خط ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 12 لک گهر تباهه ٿيا ۽ 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.

هن درخواست ڪئي آهي ته ايندڙ آءِ پي يو جي اجلاس ۾ ٻوڏ کي ايمرجنسي اينڊا آئٽم طور شامل ڪيو وڃي.

صادق سنجراڻي چيو آهي ته اسان آءِ پي يو جي رڪن ملڪن جي اجلاس کان ئي امداد ۽ بحالي جي درخواست ڪري سگهون ٿا.

واضح رهي ته انٽر پارليامينٽري يونين (آءِ پي يو) 178 ملڪن تي ٻڌل سڀ کان وڏي عالمي پارلياماني تنظيم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.