عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر ذاتي حيثيت ۾ اليڪشن ڪميشن طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 27 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ٽنهي اڳواڻن طرفان جمع ڪرايل جوابن کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب عمران خان مقرر وقت ۾ پنهنجو جواب اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائي سگهيو، عمران خان جو جواب مقرر وقت ۾ اليڪشن ڪميشن کي وصول نه ٿيو، تنهن ڪري کيس ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ٽنهي اڳواڻن کي اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين تي طلب ڪيو ويو آهي.

نوٽيس جي متن موجب عمران خان 18 جولاءِ تي عوام سان خطاب ۾ توهين جوڳا ريمارڪس ڏنا ۽ الزام هنيا، ان کانسواءِ هن 21 ۽ 27 جولاءِ تي به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهين جوڳا ريمارڪس ڏنا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.