مراد علي شاهه جي ٻيڙي تيل ختم ٿيڻ سبب بند، ڌِڪو ڏياري منزل تي پهتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ جي دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ٻيڙي تيل ختم ٿيڻ سبب بند ٿي وئي.

سيوهڻ جي دوري دوران سيد مراد علي شاهه جي ٻيڙي لعل باغ وٽ پهتي ته تيل ختم ٿيڻ سبب بند ٿي وئي.

ان موقعي تي ٻيڙي هلائيندڙ ٽيم پاڻي ۾ لهي ٻيڙي کي ڌڪو ڏنو ۽ ڪجهه پري وڃڻ کانپوءِ ٻي ٻيڙي آندي وئي، جنهن ۾ مراد علي شاهه سوار ٿي ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻيڙي بند ٿيڻ تي وڏي وزير ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.