سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، تولو گهڻي جو ٿي ويو؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن به سون جي قيمت وڌي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 56 هزار رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 33 هزار 745 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 15 ڊالر واڌ سان هڪ هزار 732 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.