شادي شده عورتن جا اهم مسئلا ۽ انهن جو حل

ڇوڪريون شادي کان اڳ پنهنجي صحت ۽ خوبصورتي جي لاءِ ڇا ڇا ناهن ڪنديون. پر شادي کانپوءِ ملندڙ خوشين، ذميوارين ۽ ٻين مسئلن ۾ گم ٿي وينديون آهن ۽ پنهنجي صحت کان وڌيڪ ٻين جي صحت جو خيال ڪنديون آهن جنهن ڪري ڪيتريون ئي ڇوڪري شادي کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ بخيل، اعصابي ڪمزوري، بلڊ پريشر، جوڙن جي سور ۽ ٻين مسئلن جو شڪار بڻجي وينديون آهن.

جيڪڏهن ڇوڪرين کي ڪجهه عام خوراڪن بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ هجي ته اهي پنهنجي شادي شده زندگي صحت ۽ خوشگوار احساسن سان گڏ گذاري سگهن ٿيون.

خاص ڪري ڇوڪرين کي شادي کانپوءِ وزن وڌڻ جو مسئلو عام ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪري انهن جي صحت تي به اثر پوندا آهن. اسان اڄ هتي اهڙا ٽوٽڪا کڻي آيا آهيون جن جي مدد سان ڇوڪريون شادي کانپوءِ به پنهنجي وزن کي ضابطي ۾ رکي سگهن ٿيون.

  1. سڀ کان پهرين ڳالهه ته اها آهي ته ڇوڪرين شادي کان اڳ پنهنجي رت جو مقدار چيڪ ڪرائي ڇڏين ڇو جو شادي کانپوءِ انهن ۾ رت جي کوٽ جو مسئلو به گهڻو ٿي ويندو آهي. انڪري ڇوڪرين کي گهرجي ته شادي کانپوءِ چقندر (ڳاڙهي گوگڙو) جي سبزي، گوشت ۽ سايون ڀاڄيون گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪن.
  2. شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي گهرجي تي دعوت توڙي گهر ۾ بوتلون پيئڻ کان پاسو ڪن. صحت کانسواءِ بوتلن ۾ ٻه اهڙيون شيون به هونديون آهن جيڪي بي اولادي واري مسئلي جو سبب بڻبيون آهن.
  3. گهڻي قدر ڇوڪريون شادي کانپوءِ ماحول ۽ حالتن ۾ تبديلي جي ڪري بي چيني، گهٻراهٽ ۽ چِڙ واري طبيعت جو شڪار بڻجي وينديون آهن. جنهن جي ڪري اوميگا ٿري بهترين علاج آهي جيڪو دل کي راحت ڏيندو آهي. اوميگا ٿري حاصل ڪرڻ جي لاءِ هفتي ۾ هڪ ڀيرو مڇي يا ٻه ٽي اخروٽ يا وري روز جي بنيادن تي السي جو ٻج کائڻ گهرجي جن ۾ موجود فيٽي ايسڊ ايسٽروجن ليول وائيندا آهن.
  4. مڙس جا پيسا ڪپڙن، سون يا فيشن ۽ بازارو کاڌو گهرائڻ تي خرچ ڪرڻ کان بهتر آهي ڇوڪريون پنهنجي صحت تي خرچ ڪن ته جيئن اهو سٺي صحت سان سٺي گهرواري ۽ سٺي ماءُ بڻجي سگهن.
  5. شادي کان فوري طور تي پوءِ ڊاڪٽر جي مشوري کانسواءِ ڪنهن به اينٽي بايوٽڪ دوا جو استعمال نه ڪيو وڃي.
  6. گرين ٽي جو استعمال ڪيو وڃي جيئن ڪڏهن خرچ بچائڻ چاهين ته رات جي وقت ۾ دار چيني ۽ ليمي جو ڪاڙهو ٺاهي پيئڻ گهرجي.
  7. شادي شده جوڙن کي رات جو سمهڻ وقت پاڻي پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻي جي جاءِ تي هلڪو گرم کير پيئجي ته بهتر آهي.
  8. شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي خشڪ ميوا (اخروٽ، انجير يا ناريل ئي کائڻ گهرجن)جيڪي سستا به هوندا آهن ۽ ٻچي داني کي مضبوط به ڪندا آهن.
  9. شادي کانپوءِ عورتن ۾ ڪينسر جهڙو مرض پيدا ٿيڻ جي شرح ۾ واڌ ٿي ويندي آهي جنهن کان بچڻ جي لاءِ ٽماٽن ۽ هيڊ جو استعمال ڪيو وڃي. شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي هڪ ڪوپ هلڪي گرم کير ۾ چمچي جو چوٿون حصو هيڊ وجهي استعمال ڪرڻ گهرجي.
  10. نئين شادي شدو ڇوڪرين جي لاءِ آئيس ڪريم کان وڌيڪ ڪارو چاڪليٽ فائديمند هوندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چاڪليٽ ۾ پي اِي اي ڪيميڪل هوندو آهي جيڪو ڪاوڙ ۽ ذهني دٻاءَ کي گهٽائڻ جو سبب بڻبو آهي ۽ محبت جا جذبا وڌائيندا آهن.
  11. هونئن ته هر سبزي پنهنجو پاڻ فائديمند آهي پر شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي گهرجي ته ڪمزوري، ٿڪاوٽ، سستي کان بچڻ جي لاءِ شملا مرچ، ساوا ڌاڻا، چقندر ۽ کنڀين جو استعمال ڪيو وڃي.
  12. لاهوري گجر ذائقي سان گڏ هڪ صحتمند سبزي آهي. چيو ويندو آهي ته جيڪي عورتون لاهوري گجر کائينديون آهن انهن کي جاڙا ٻار پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.
  13. شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي ڦلا کائڻ گهرجن.
  14. شادي شده ڇوڪرين کي سمهڻ وقت چانهه نه پيئڻ گهرجي ان جي جاءِ تي ٿوري ڪافي پي سگهجي ٿي.
  15. شادي شده ڇوڪري لاءِ تازي جليبي ۽ کير دوا طور ڪم ڪندا آهن. هفتي ۾ ٽي ڀيرا جليبي وارو کيئر کائڻ سان جنسي مسئلا پيدا ناهن ٿيندا.
  16. شادي کانپوءِ ڇوڪرين کي نيراني ٿوم کائڻ گهرجي جنهن جي ڪري رت جو وهڪرو يا رت جو دورو بهتر رهندو آهي ۽ رات جو سُنڍ کائڻ گهرجي جنهن سان هارمون برقرار رهندا آهن.
  17. ڪجهه ڇوڪريون شادي جي ٿوري ئي سالن کانپوءِ لا پرواهه ٿي وينديون آهن يا عورتون جيڪي ماءُ بڻجڻ جون خواهشمند هجن انهن کي پائن ايپل، اسٽرابيري، هنداڻو، ڪيلا ۽ نارنگيون کائڻ گهرجن.
  18. ماءُ بڻجڻ جي خواهشمند ڇوڪرين کي گهرجي ته شادي کانپوءِ فوري طور پوءِ ڪدو جو ٻج استعمال ڪن.
  19. ناسپيتي کي عورتن جو دوست سمجهيو ويندو آهي. ناسپيتي جي استعمال سان عورتن جو جسم مضبوط ٿيندو آهي ۽ جنسي طاقت بحال ٿيندي آهي.
You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.