ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ انڊلٺ جو خوبصورت نظارو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ شهرين آسمان تي انڊلٺ جو خوبصورت نظارو ڪيو.

ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کانپوءِ تيز گرميءَ کانپوءِ اڄ مينهن وسي پيو، جنهن سان شهر جي موسم خوشگوار ٿي وئي.

شهر جي مختلف علائقن ۾ منجهند جو برسات شروع ٿي وئي، جيڪا ڪجهه ڪلاڪن تائين وقفي وقفي سان جاري رهي آهي.

شام 6 وڳي کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ اُس نڪري آئي ۽ ڪراچي جي ڏکڻ ۾ انڊلٺ به نظر آئي، جنهن جو نظارو ڪيترن ئي علائقن مان ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.